سنڌ ھاءِ ڪورٽ بينچ حيدرآباد ڪارونجھر جي ڪٽائي کي روڪڻ (جيڪا ھونئن ته ڪيترن ئي سالن کان ھلندڙ ھئي پر ويجھڙ ۾ ان ۾ غير معمولي تيزي آئي. جنھن جي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي ھئي) ۽ جبل کي ورلڊ ھيريٽيج سائيٽ ۾ شامل ڪري اتي وڻڪاري ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ سان گڏ تاريخي جين مندر کي پڻ اصلي حالت ۾ بحال ڪرڻ لاءِ ماھرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. اسين سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ جي ان تاريخي فيصلي جي آجيان ڪندي نگران حڪومت کان اھو پر زور مطالبو پڻ ڪريون ٿا ته عدالت جي حڪم تي تڪڙو عمل ڪرايو وڃي ۽ اتي جاري سڀئي ڪاروباري سرگرميون فوري طور تي بند ڪرايون وڃن. اسين ڪارونجھر جي نيلامي کي تاريخ سان ھٿ چراند ڪرڻ ۽ ان کي ميسارڻ جي مترادف سمجھو ٿا. ڇا ڪاڻ ته اھو رڳو جبل ناھي پر قدرتي سونھن جو ھڪ شاھڪار نمونو پڻ آھي، جتي مورن جا ٽھوڪا انسان کي فطرت جي ويجھو ۽ ڪنھن تصوراتي دنيا ڏانھن وٺي ويندا آھن. ڪارونجھر مورن سوڌو فطرت جو جياپو ۽ سنڌ جي تاريخ جو اھم ھنڌ پڻ آھي. جتي روپلي جون گوريلا ڪاروايون انگريز سامراج جون ننڍون حرام ڪري ڇڏيون ھيون. ڪارونجھر کي ختم ڪرڻ ڌرتي جي سونھن کي ختم ڪرڻ جيان آھي ۽ ڪوبه ڌرتي ڌڻي ڪنھن به صورت ۾ پنھنجي ڌرتي جي بدصورتي کي قبول نه ڪندو.
فطرت دشمني يعني فطرت جي معاملن ۾ ماڻھن جي بيجا مداخلت انسان ذات کي فائدو گھٽ ۽ نقصان وڌيڪ ڏيندي آھي. اھو نقصان ڪڏھن موسمي سختي جي صورت ۾ سامھون ايندو رھيو آھي ته ڪڏھن قدرتي آفت بڻجي ماڻھن مٿان ڪڙڪيو آھي. جڏھن فطرت انسان سميت سمورن جاندارن جي حق ۾ آھي ته پوءِ اسان کي به گھرجي ته فطرت سان لاڳاپيل ھر شيءِ جي تحفظ کي يقيني بڻايون، ڇا ڪاڻ ته فطرت کي محفوظ ڪرڻ دراصل پنھنجو پاڻ کي محفوظ ڪرڻ جي مترادف آھي.
سنڌ ۾ مختلف خانگي ڪمپنين جو ڏاڍ ايامن کان جاري آھي. جيڪي خود کي ملڪي قانون کان بالاتر ۽ ھر قسم جي پڇاڻي کان آجو سمجھن ٿيون. اھي ڪمپنيون نه رڳو ليبر قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ڏسڻ ۾ اينديون آھن پر انھن جا غير مقامي ملازم پڻ مقامي ماڻھن سان ناروا سلوڪ به اختيار ڪن ٿا، جنھن جي نه ته ڪو قانون ۽ نه ئي اخلاق اجازت ڏئي ٿو، پر انساني قدرن جي پائمالي کي روڪڻ لاءِ ڪير به تيار نظر نٿو اچي. سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر ڪمپنين ۾ گھڻائي مختلف سرڪاري ادارن تان رٽائرڊ ڪيل ماڻھن جي آھي، جيڪي سرڪاري خزاني مان لکين رپيا پنشن پڻ حاصل ڪري رھيا آھن. سنڌ سميت پاڪستان ۾ ھزارين نوجوان بيروزگار ويٺل آھن، ان کي روزگار ڏيڻ رياست جي ذميداري آھي، جيڪا ذميداري رياست کي نڀائڻ ۾ ڪنھن به صورت ۾ غفلت نه ڪرڻ گھرجي، ان لاءِ خانگي ڪمپنين ۾ وڌ کان وڌ نوجوانن کي روزگار ملڻ گھرجي.
سنڌ ۾ وڻن جي واڍي پڻ جاري آھي، وڻ جيڪي نه رڳو ڌرتي جي سونھن ۾ واڌارو ڪندا رھندا آھن پر اھي انسانن کي جيئڻ ۽ صحتمند رھڻ ۾ به مدد ڪن ٿا ۽ پکين جون محفوظ پناه گاھون پڻ آھن، جتي پکين جي نسلي افزائش ٿيندي آھي، وڻ ختم ۽ گھٽ ٿيڻ سبب ڪيترن ئي نسلن جا پکيءَ پڻ ناياب ٿيڻ لڳا آھن، جيڪو ھڪ وڏو الميو آھي. سنڌ ۾ ڪيترن ئي سالن کان وڻن جو نھايت ئي بي دردي سان قتلام جاري آھي، سنڌ جا ٻيلا مڪمل طور تي ختم ٿي ويا آھن ۽ زمينن تي ماڻھن قبضو ڪري ورتو آھي، جيڪي سنڌ ۾ قبيلائي جھيڙن ۽ خونريزي جو سبب پڻ بڻجي رھيون آھن. جنھن جي زد ۾ اچي ڪيئي حياتيون موت جي ور چڙھي چڪيون آھن. وڻن جي مسلسل واڍي سبب موسمون بد مزاج بڻجنديون پيون وڃن ۽ ڌرتي آھستي آھستي ٽامو ٿيندي پئي وڃي، جنھن کي روڪڻ گھرجي. ان کي روڪڻ لاءِ اسان کي پنھنجا ٻيلا ٻيھر آباد ڪرڻ گھرجن، عدالت کي ڪارونجھر سميت سرڪاري زمينن تان قبضو ڇڏائي اتي پڻ وڻڪاري جو حڪم جاري ڪرڻ گھرجي.
سنڌ جي لکين ايڪڙ سرڪاري زمين ملي ڀڳت سان ڀڳڙن مٺ تي نيلام ڪئي وئي آھي، جتي رھائشي اسڪيمون ھلندڙ آھن. اھو لقاءُ ۽ وڌندڙ واپار ڏسي ھاڻ زميندارن پڻ پنھنجون زرعي زمينون ٽڪرا ٽڪرا يعني پلاٽنگ ڪري وڪرو ڪرڻ لڳا آھن، جيڪا زمين گھڻي ڀاڱي آبادي جي لائق ھجي ٿي. زرعي زمينن تي رھائشي منصوبا اڏڻ سبب مستقبل ۾ خوراڪ جي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي. ڪراچي حيدرآباد ميرپور خاص ۽ سکر کان پوءِ سنڌ جي ننڍن شھرن ۾ به غير قانوني رھائشي اسڪيمون ھلندڙ آھن ۽ ھاڻ ھر ھنڌ سيمينٽ جا شھر اڏجڻ لڳا آھن، جنھن سبب آبادي جو توازن پڻ بگڙجڻ لڳو آھي جنھن سان ٻيا به ڪيترائي مسئلا منھن ڪڍڻ لڳا آھن. رھائشي اسڪيمون جن جي حقيقت ۾ ڪا گھڻي ضرورت ناھي پر سڀ کان وڌيڪ گھرج زراعت جي آھي ۽ ھر حال ۾ زراعت کي ئي ھٿي وٺرائڻ گھرجي، ڇا ڪاڻ ته زرعي آبادي ڏينھون ڏينھن گھٽ ۽ انساني آبادي تيزي سان وڌي رھي آھي، جنھن سبب ايندڙ وقت ۾ خوراڪ جا ڳنڀير مسئلا پيدا ٿيندا.
انھن سمورن معاملن کي روڪڻ لاءِ هر مڪتبه فڪر جي ماڻهو کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ۽ عدالتن کي مداخلت ڪرڻ گھرجي ته جيئن مستقبل جي امڪاني خطرن کان بچي سگھجي.