جمن دربدر :سنڌ، سيد ۽ سن جو عاشق

تحرير: سليم جروار

۲۰ آڪٽوبر جي صبح جو سج سنڌ جي جوان دلين ۾ درد ۽ سوڳ پکيڙي ڇڏيو جڏهن عمر ڪوٽ جي ڀٽن ڀر ۾ آباد ڳوٺ روحل واءِ کان سنڌ جي ماما جمن دربدر جي وڇوڙي جي خبر سوشل ميڊيا ذريعي پوري دنيا کي پئي.

سياسي، سماجي ۽ طبقاتي شهرت پويان ڀڄندڙ سنڌ جي ماڻھن وٽ پنهنجن جي وڇوڙي تي به ڏک ونڊڻ جيتري واندڪائيءَ ناهي اتي جي فضا هڪ سادي سودي فقير صفت انسان لاءِ  ڇو سوڳوار آهي؟ شايد اهو لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه هجي پر اهو يقين آهي ته هن سنڌ کي پنهنجي جند سمجهيو ۽ اياز جي ان سٽن جو ڀرم رکندي ڪڏهن طرم خان ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي.

“ڳڀو پاڻي ڍُڪ ۾ ٻوڙي جي کائين،

پنهنجي اوچي ڳاٽ کي مُور نه جهڪائين،

ته تنهنجي سائين، ڏات ڏهوڻي ٿي پوي”

هُو ڪڏهن به شهرت جي چڪر ۾ شارٽ ڪٽ هڻڻ جي ڊوڙ ۾ نه لٿو، هن جي سادگي ئي سڃاڻپ بڻجي وئي.

اهو ئي سبب آهن جو سنڌ جي هن سادي عاشق کي سيد جي محبوب سنڌ جي هر دل مان سندس وڇوڙي جي خبر تي درد جي هڪ دٻيل دانهن نڪتي ۽ ان دانهن کي سوشل ميڊيا ذريعي سموري دنيا محسوس ڪيو. ٽوال ڪنڌ تي رکي سادن ڪپڙن سان تن کي ڍڪي هلندڙ فقير صفت اهو جمن دربدر ڪير هو، سنڌ سندس تعارف کان واقف هئي، سندس هڪ ئي تعارف هو ته هن قومي شهيدن کي عظيم ڀيٽا هن لفظن ۾ ڏني.

“ٿيا جيڪي قوم تان قربان،

انهن جا آهن لکين احسان،

شهيدن جي ريٽي رت سان رتيءَ لالاڻ ۾ ملبو،

وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو”

ان گيت کي سائين جي ايم سيد بار بار ورجايو ۽ انهن سٽن جمن کي امر ڪري ڇڏيو ۽ هُو سموري سنڌ جو ماما جمن دربدر بنجي ويو.

عمر ڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ روحل واءِ ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ جنم وٺندڙ جمن، پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ ڳوٺ” صاڀي” ۾ مدرسي ۾ پڙهيو جتي سندس ويجهڙائي عبدالواحد آريسر سان ٿي، مئٽرڪ ۱۹۶۲ ۾ پاس ڪري عمرڪوٽ ڪاليج ۾ پڙهيو جتي هن کي استاد خادم حسين شر کان قومي ۽ انقلابي ڪتاب پڙهڻ لاءِ  مليا هو ۽ “ بزم صوفياء سنڌ” جي فڪري سفر ۾ شامل ٿيو، بزم صوفياءِ سنڌ جي ڪنھن ميڙاڪي دوران سائين جي ايم سيد سان سندس ملڻ ٿيو ۽ ائين هن قومي سفر ۾ پير پاتو ۽ آخر تائين شامل رهيو ان سفر دوران هو عبدالواحد آريسر صاحب ۽ تاج جويي صاحب سميت ڪيترن ئي اڳواڻن سان ويجهو رهيو. مذهب جي نالي تي وجود ۾ ايندڙ نئين ملڪ جي سرحد جون لڪيرون نڪتيون ان وقت هي ٽن سالن جو ٻالڪ هو پر هن سنڌ جي جند کي اڌ ٿيندي اکين سان ڏٺو ۽ سرحد جي ويجهو هوندي ٽن سالن جي ٻاروتڻ ۾ ئي ملڪي سرحدن جي نالي نڪتل لڪير جي ٻنهي پاسي مٽي ماءُ کان جدا ٿيندي هزارين لکين انسانن کي ڏٺو ۽ جدائي جا اهي دردناڪ منظر سندس اکين ۾ هميشه لاءِ  عڪس بنجي ويا ۽ مٽي ماءُ کان جدا ٿيندڙ ٻنھي پاسن جي انساني قافلن جا پيرا سندس دل ۾ هميشه لاءِ  نشان ڇڏي ويا جيئن جيئن جمن وڌندو ويو ائين ئي سندس اندر ۾ پلجندڙ اهو بظاهر اڻ ڄاڻ درد به ديرو ڪري ويو، کيس پنهنجي علائقي جون اهي ڀٽون ۽ دڙا به سوڳوار لڳندا رهيا جتان آزادي جي نالي تي وجود ۾ ايندڙ وطن تان صدين ۽ نسلن کان آباد انسانن جو جيئري وڇوڙو ٿيو.

جمن دربدر جدائين جا گهاءَ نه فقط ڏٺا پر هُن ٽوڙي ڦاٽڪ واقعي ۾ پنهنجي قافلي جي ڳڀرو جوانن جي وڇوڙي کان ويندي سن جي سيد کي لحد تائين لهڻ جا درد به ڏٺا ته پنهنجي ئي هٿن سان ننڍپڻ جي ساٿي عبدالواحد آريسر کي انڙ آباد جي مٽيءَ هنج ۾ پڻ سمهاريو.

جمن دربدر سنڌ جي قومي قافلي جو هر وقت بيدار رهندڙ اهو سپاهي هو جنهن وٽ هڪڙو ئي پيغام هو ته “ هڙڪ هلو ڌيما هلو” مطلب قومي سفر ۾ سمهڻ جي ڪا گنجائش ناهي، ان ڪري ئي هو پاڻ ۲۰ آڪٽوبر تائين جاڳيل ئي رهيو ۽ پوءِ سدائين لاءِ  مٽي ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿيو، پر سندس مٿين سٽن کي ياد ڪندي ويساهه ٿئي ٿو ته “وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو. “

شايد نماڻي سنڌيءَ جمن دربدر لاءِ  ئي لکيو هو ته

“ڇر تي ڇڏيئي پيرڙا، ڪري هنج اُڏار. “

عشق کي امر ڪندڙ جمن دربدر لاءِ  اهو يقين آهي ته جيسين، سنڌ، سيد ۽ عشق زنده آهن تيسين جمن دربدر مرڻو ناهي.

 

جمن دربدر سنڌ جي قومي قافلي جو هر وقت بيدار رهندڙ اهو سپاهي هو جنهن وٽ هڪڙو ئي پيغام هو ته “ هڙڪ هلو ڌيما هلو” مطلب قومي سفر ۾ سمهڻ جي ڪا گنجائش ناهي، ان ڪري ئي هو پاڻ ۲۰ آڪٽوبر تائين جاڳيل ئي رهيو ۽ پوءِ سدائين لاءِ  مٽي ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿيو، پر سندس مٿين سٽن کي ياد ڪندي ويساهه ٿئي ٿو ته “وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو. “

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.