اچو ته نئون سماج، ڪو نئون جھان جوڙجي!

تحرير: حسن جان سومرو

سائين راشد مورائي جو ھڪ مشھور شعر آھي ته اچو ته نئون سماج ڪو نئون جھان جوڙجي جڏھن به ٻڌندو آھيان يا پڙھندو آھيان ته ذھن ۾ ھڪ ئي خيال بار بار اڀرندو آھي ته تعليم ئي اھو واحد ذريعو آھي جنھن سان سائين راشد مورائي جو خواب حقيقت بڻجي سگھي ٿو.

تعليم جي اھميت جي حوالي سان دنيا جي مختلف خطن ۾ اھڙا دور به آيا آھن جيڪي تعليمي انقلاب ڏانھن پيش قدمي ثابت ٿيا. انھن خطن مان يورپ تعليمي انقلاب کي پنھنجي معاشري جي خوبصورتي بڻايو. جنھن تعليمي انقلاب جو ٻج اھڙي طرح ڇٽيو جنھن سان سمورو يورپ تعليم جھڙي نعمت سان مالا مال  ٿي ويو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته تعليم ئي واحد ذريعو آھي جيڪو نه صرف فرد جي ترقي پر پوري معاشري جي ترقي جو ذريعو بڻيل آھي.

يورپ ۾ روسو جنھن تعليم جي نئين سري سان درجابندي ڪئي ۽ اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته تعليم ئي ستل معاشري کي صدين جي گھري ننڍ مان جاڳائي سگھي ٿي. بلڪل اھا ڳالهھ سئوُ سيڪڙو درست ثابت ٿي آھي ته جن معاشرن ۾ روسو جھڙا ڏاھا تعليمي ماھر ۽ فلاسافر پيدا ٿيا اھي معاشرا اھي ملڪ تعليم جي ميدان ۾ ترقي جي انھن منزلن کي رسي ڏيکاريو جو دنيا اچرج ۾ پئجي وئي.

روسو کان علاوه برٽينڊ رسل اھڙو سياسي سماجي ماھر ھو جنھن تعليم کي سياسي تبديلي جو اھو محرڪ سمجھيو. جيڪا ھڪ حقيقت آھي تعليم سماجي توڙي سياسي تبديلي جو نھايت اھم سبب آھي.

پر اسان جنھن پوئتي پيل معاشري ۾ رھون ٿا اتي تعليمي ماھرن جي کوٽ پنھنجي جاءِ تي الڳ آھي پر تعليم جو ميسر ھجڻ ئي ڪنھن معجزي کان گھٽ ناھي. ھتي حالت اھا آھي ته تعليم جي کوٽ ۽ مھانگائي سبب ھيٺين طبقي سان جڙيل خاندان جيڪي پورھيو ڪري پيٽ پالين ٿا، اھي پنھنجن ٻارن کي تعليم جھڙي نعمت کان محروم رکيو اچن ٿا. وڌندڙ آبادي سان گڏوگڏ وڌندڙ مھانگائي تعليم جھڙي نظام کي درھم برھم ڪري ڇڏيو آھي. جنھن سان ھڪ نسل کان ٻئي نسل تائين تعليم جو ڪو اتو پتو به ناھي ته انسان جي بنيادي حقن ۾ تعليم به اھم مسئلو آھي. پر ان اھم مسئلي کي لکين ٻار منھن ڏئي رھيا آھن.

ھڪ تحقيق جي مطابق پاڪستان ۾ 28 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن. جيڪا ھڪ ڇرڪائيندڙ حقيقت آھي. ان جو مطلب اھو ٿيو ته ڪيترائي نسل تعليم جھڙي بنيادي نعمت کان محروم بڻيل آھن.

غربت ۽ سجاڳي نه ھجڻ ٻه اھڙيون خطرناڪ بيماريون آھن  جنھن سان نسل توڙي قومون ۽ ملڪ برباد ٿيو وڃن. غربت سبب ماڻھو ٻارن کي پڙھائڻ کان لاچار آھن.ڇاڪاڻ ته والدين معصوم ٻارن کان ھٿ ۾ اسڪول جو بيگ ڏيڻ ۽ ڪتاب ڏيڻ بجاءِ ٻارن کي ڪنھن گيراج يا ڪنھن دڪان تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڇڏيو اچن. جنھن سان ھڪ طرف ٻار سان ننڍي عمر ۾ اھو ظلم ڪيو ٿو وڃي مٿان ويچارو ٻار تعليم کان به محروم ٿيو وڃي. نه صرف ٻار سان اھو ظلم ٿئي ٿو پر سماجي وحشي پڻي جو ٻار الڳ شڪار ٿئي ٿو. اھڙا کوڙا سارا واقعا آھن جيڪي ٻار جي سٺي تربيت ڪرڻ بجاءِ ٻار کي ظلم طرف ڌڪيو ڇڏين.

ھن معاشري ۾ جتي ھر روز معصوم ٻارن کي زيادتي جو شڪار ڪيو وڃي ٿو اتي والدين ٻارن کان مزدوري ڪرائن ٿا جيڪو عمل غير قانوني آھي پر تنھن ھوندي به والدين توڙي حڪومت ان ڳالھه کي سنجيدگي سان نٿي وٺي. ٻيو وڏو مسئلو اھو آھي ته جيڪڏھن حڪومت والدين کي تعليمي فنڊ مھيا ڪري ٿي پر وڌندڙ آبادي واري عمل کي حڪومت روڪي ناھي سگھي.

سٺي تعليم ته ھر ٻار جو بنيادي ۽ انساني حق آھي پر ھتي نظام ئي درھم برھم لڳو پيو آھي. 28 ملين ٻار جيڪي اسڪولن کان ٻاھر آھن جيڪي تعليم کان محروم آھن اتي معاشري ۾ تبديلي اچڻ ۽ معاشري جي سڌرڻ جي ڳالهھ ناممڪن آھن. حڪومت کي گھرجي ته ليبر قانون کي سخت ڪيو وڃي جنھن سان اھو فرق پوندو ته ٻارن کان جبري پورھيو نه ورتو ويندو. معصوم ٻارن سان ڪيڏو نه الميو آھي ته ھڪ ته کين تعليم کان محروم رکيو ويو آھي ٻئي طرف جبري پوھيو به معصوم ٻارن کان ڪرايو وڃي ٿو. پاڪستان جي ڊي پي مان صرف ھڪ 1.7 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪري ٿو جيڪو نھايت ئي گھٽ آھي ائين کڻي چئجي ته اھا بجيٽ تعليم لاءِ ڪجهھ به ناھي. رياست کي گھرجي ته جي ڊي پي مان تعليمي بجيٽ وڌائي ٻارن جي مستقبل کي سنواريو وڃي. جنھن سان نه رڳو ٻارن جي زندگي ۽ مستقبل سڌرندو پر ملڪ جي ترقي جا رستا به کلندا. جيڪڏھن اسان ڀلي تعليم مفت ڪري ڇڏيون پر غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ به حڪومت موثر اپاءُ وٺي. ڇاڪاڻ ته تعليم مفت ڪرڻ سان به اھو مسئلو حل ناھي ٿي سگھيو ان جو سبب اھو آھي ته وڌندڙ غربت سبب معصوم ٻارن کان پوھيو ورتو وڃي ٿو جنھن جي ڪري ھو رستن تي روڊن تي دڪانن تي پورھيو ڪري پنھنجي گھر جي گاڏي ھلائڻ ۾ پيڙھجي وڃن ٿا.

حڪومتي سطح تي اھڙيو پاليسيون جڙڻ کپن جنھن سان معاشري ۾ حقيقي تبديلي اچي. والدين پاران ٻارن کان جبري پورھيو ڪرائيندڙ والدين تي رياستي سطح تي قانوني ڪاروائي ٿيڻ کپي. يا ته والدين کي ان ڳالهھ جي سجاڳي ڏيڻ گھرجي ته وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ گھرجي. جبري پورھئي سبب لکين ٻارن جون زندگيون خراب ٿيو وڃن گڏوگڏ ھو تعليم کان به محروم رھجي وڃن ٿا. حڪومت ان ڳالهھ کي سنجيدگي سان وٺي نئي سري سان اھڙيون حڪمت عمليون جوڙي جنھن سان اسڪول کان محروم ٻار اسڪول وڃي سگھن ۽ پنھنجي مستقبل کي بهتر بڻائي سگهن.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.