اڊيالا جيل جو قيدي

تحرير: غلام حسين لغاري

ماضي ۾ اڊيالا جيل جو قيدي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جو وزيراعظم ٿيڻ ۽ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ لاءِ    اڄ لاهور جي تاريخي هنڌ مينار پاڪستان تي پهچندو. جتي سندس لکين ماڻهو والهانه ۽ تاريخي استقبال ڪندا جيڪي ملڪ جي مختلف صوبن مان سينگاريل خاص ٽرينن بسن ۽ ڪارن جي قافلن جي صورت ۾ پهچندا۔سنڌ مان هڪ اڌ ٽرين ۽ خاص بسون ڪالهه روانيون ٿيون هيون جيڪي اڄ منجهند تائين لاهور پهچي وينديون۔مينار پاڪستان تي هاءِ سڪيورٽي الرٽ وڏي اسٽيج تيار ٿي چڪي آهي جڏهن ته هر صوبي مان پهچندڙ ڪارڪنن الڳ الڳ هنڌ مخصوص ڪيا ويا آهن جتي کاڌ خوراڪ ۽ ٿڌي پاڻي مهيا ڪرڻ جو به بندوبست ٿيل آهي۔ اڊيالا جيل جو اهو قيدي جيڪو سعودي ۾ بادشاهي مهمان هو انجي خاص اڏام به تيار بيٺي آهي جيڪا پڻ لاهور ڏانهن اڏرڻ واري آهي منجهند ڌاري پهچي ويندي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڏيهي پرڏيهي صحافي ۽ سياسي مبصر به هن قيدي سان گڏ سفر ڪري لاهور ۾ ٿيندڙ سندس آجيان ۽ جلسي جا منظر ڏسندا ۽  رپورٽ ڪندا۔ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جي آس رکندڙ ميان محمد نوازشريف  جي سياسي بيان ۾ هن ڀيري وڏي لچڪ نظر ايندي جو کيس هن ڏس ۾ تلقين ڪئي وئي آهي ۽ سياسي ڊيلنگ جو حصو به آهي ته هو ڪنهن به قسم جي ڪا ڇڪتاڻ پئدا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو.

قوم ۽ مخالف سياسي حلقا کيس اڊيالا جيل جي قيدي جي نظر سان ڏسن ۽ ڪوٺين ٿا پرهاڻ هو اڊيالا جيل جو قيدي نه پر عام شهري آهي جو عدالتن سندس گرفتاري جا وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا آهن ۽ سندس راهداري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي۔

اهي ئي عدالتون آهن جن پنج سال اڳ کيس اقامه مني لاڊرنگ ڏيهه پرڏيهه ملڪيتن ٺاهڻ جا الزام مڙهي ثابت ڪري قيد جي سزا ٻڌائڻ سان گڏ کيس تاحيات نااهل ڪيو هو جنهن کانپوءِ  بيماري جو سبب ڄاڻائي لنڊن پهتو جتان ملڪ جي طاقتور ادارن ۽ انهن جي سربراهن خلاف مختلف قسمن جي  الزام تراشين وارا بيان ڏئي عوامي همدردي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي لنڊن پلان جو حصو به سڏيو ويو۔ اهو پلان ڪامياب به ويو جو عمران خان جي حڪومت ختم ٿي ۽ سندس ڀاءُ ميان محمد شهباز شريف جنهن سندس وقت سر وطن واپسي جي ضمانت ڏني هئي ملڪ جو گهٽ وقت وارو وزيراعظم ته بڻيو پر پردي پويان اسحاق ڊار وزارت عظمي پئي هلائي نتيجو اهو نڪتو جو ملڪ معاشي طور غير مستحڪم ٿيو مهانگائي وڌي جنهن عام ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو۔ان مهانگائي جا اثر اڃا تائين ختم ناهن سمورا الزام عمران حڪومت تي هنيا پيا وڃن.

ن ليگ سربراهه ميان محمد نوازشريف جو هي پنهنجو وطن آهي کيس سياست ۽ حڪمراني ڪرڻ ۽ واپس وطن ورڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي جو ملڪ جي آئين ۽ قانون کيس حق ڏنا آهن ۽ عدالتن ئي سندس ضمانت منظور ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته هو عدالتن ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو۔عدالتن سندس سزا ۽ نااهلي ختم ناهي ڪئي صرف راهداري ضمانت ڏيندي سندس گرفتاري وارنٽ ٽن ڏينهن لاءِ معطل ڪيا آهن پر مخالف عدالتن تي اهڙي رعايت ڏيڻ تي سخت تنقيد ڪري رهيا آهن ته هڪ اشتهاري قيدي سان ايڏي وڏي رعايت ڪهڙي قانون تحت ۽ جلد بازي ۾ ڏني وئي آهي جڏهن ته ملڪ ۾ ٻيا به سياسي قيدي جيلن ۾ بند آهن آئين ۽ قانون ۾ انهن جا به حق ساڳيا رکيا آهن۔مخالفن جو چوڻ آهي ته ميان صاحب لک ڀيرا وطن واپس اچي سگهي ٿو کين ڪو به اعتراض نه آهي پر اڊيالا جيل جي قيدي جي صورت ۾ پاڻ کي هو پهريان جيل يا عدالت ۾ سلينڊر ڪري ها جتان کيس اشتهاري قرار ڏنو ويو هو۔ پاڪستان جي سياسي تاريخ ڪجهه اهڙي ئي رهندي آئي جو حڪمرانن کي حڪومت مان هٽائي مٿن مختلف الزام مڙهي ڪري جيلن ۾ بند ڪيو يا ملڪ بدر ڪيو ويندو آهي۔پهريون صدر سڪندر مرزا به ملڪ بدر ٿيو هو جنهن کانپوءِ  شهيد بينظير ڀٽو صاحبه ۽ بعد ۾ ميان صاحب به ٻه ڀيرا جلاوطن رهيو جن جي ملڪ بدري جا ڪارڻ به ڪنهن کان ڳجها ناهن اها الڳ ڳالهه آهي ته ميان صاحب وطن ۾ ئي قيد رهي مخالف ڌر وارو ڪردار ادا ڪري ها جنهن سان سندس پارٽي ۽ ووٽ بئنڪ مضبوط ٿئي ها کيس اڊيالا جيل جي قيدي وارا طعنا مهڻا نه ملن ها جيئن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڙتو ڪيسن جو مقابلو ڪيو هو۔

جيڪڏهن ايندڙ چونڊون صاف شفاف ٿين ٿيون ته نتيجا ڪجهه ٻيا هوندا۔پي ٽي آءِ  ته پنهنجي جاءِ تي پر پ پ پ کي به ايندڙ چونڊن ۾ دير ڪرڻ جي سبب پنهنجا پنهنجا خدشا آهن ۽ فوري چونڊن جو مطالبو ڪيو پيو وڃي۔اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به پنجاب ۾ ديرو ڄمائي ويٺو آهي مولانا فضل الرحمان ۽ چوڌري شجاعت کي چونڊن بابت اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهي.

بهرحال ن ليگ جو مينار پاڪستان جو پهريون پاور شو تاريخي شو هوندو جتي اسٽيج به ٿيار ٿي چڪي آهي ته ڪارڪن به پهچي چڪا آهن صرف ميان محمد نوازشريف جي اڏام پهچڻ جو انتظار آهي۔سندس خطاب جو لب لباب ڇا هوندو اهو خطاب مهل پتو پوندو البته هن ڀيري سندس لب لباب مختلف هوندو۔هو صرف پنهنجي بيگناهي ثابت ڪندو ۽ پنهنجو نئون معاشي سماجي ۽ عوامي چونڊ منشور ڏيندو ۽ عدالتن کان مليل انصاف تي عدالتن جا ٿورا ۽ اميد جو اظهار ڪندو ته کيس مليل سزائون ختم ڪري نااهلي واپس ورتي ويندي۔بهتر ته ايئن ٿيندو جيڪڏهن ميان صاحب سياست مان تلخين کي هڪ پاسي رکي سياست ۾ دشمني بدران دوستي جو پي ٽي آءِ  ڏانهن  هٿ وڌائي۔

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.