ميان جي آمد، ضمانت ۽ سياسي امانت وارو سوال

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

ملڪ جي ميڊيا ۾ ۽ سياسي ماحول ۾ ميان محمد نواز شريف جي ڏيهھ واپسي جون خبرون آھن ته آيو ڙي آيو ميان آيو ..!!اڳوڻي وزيراعظم جو ڏيهھ واپس ٿيڻ ۽ سياسي حلقن ۾ نئون تحرڪ پيدا ٿيڻ سياسي فطرت جو حصو آھي جنهن سبب ملڪ جي اوسن پاسن ۾ سياسي چرپر عام ٿي پئي آهي .

ميان جي ملڪ ڏانهن موٽ کي سياسي اڏام سان ڀيٽجي ته  ان ۾ ڪو حرج محسوس نه ٿيڻو. جنهن سان جتي پي ٽي آئي پريشان حال آهي ئي آھي پر جيڪو سياسي دٻاءُ پ پ پ تي آھي اهو ڏسڻ وٽان آھي.جنهن جي موٽ ۾ خود پ پ قيادت خصوصي طور بلاول ڀٽو جو گذريل ڏينهن وارو بيان ۽ انتهائي غور طلب آھي.گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ پ پ پ جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاه جو ٽي وي انٽرويو پڻ ٻڌائي ٿو ته ميان نوازشريف جي موٽ سياسي طور ملڪي سياست ۾ پ پ پ پ لاءِ  ڳوري ثابت ڏسڻ ۾ اچي پئي.!!اڄ ايڪويهين آڪٽومبر ڇنڇر تي ميان نوازشريف جي واپسي لاءِ  مختلف صوبن کان هزارين ورڪرز ۽ عوام لاهور پهچي ڪيترو گرم جوشي سان استقبال ڪن اهو ته وقت ٻڌائيندو ۽ ماڻھن جي مجموعي شرڪت ثابت ڪندي .

باقي جمعي واري ڏينهن ڪراچي کان بشير احمد ميمڻ جي قيادت ۾ نڪتل عوامي ڪاروان سنڌ ٽرين سفر ٻڌائي ٿو ته بشير ميمڻ پنهنجي مختصر مليل مدت ۾ هزارين ماڻھون گڏ ڪري وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. ڇوته جمعي ڏينهن نوازليگ پاران هڪ خصوصي ٽرين بوڪ ڪرائي وئي هئي جنهن تي سٽي اسٽيشن ۽ ڪينٽ اسٽيشن کان وڏي تعداد ۾ عوام ۽ ورڪرز جمع ٿيا هئا جن کي اوهان هزارين ماڻھون چئي سگهو ٿا اهو تعداد فقط ڪراچي ڪينٽ ۽ سٽي اسٽيشن جو ھو جڏهن ته اهڙي طرح ٽرين کي ڊرگ روڊ اسٽيشن ۽ لانڍي اسٽيشن تي به اسٽاپ ڪري ورڪز ۽ حمايتن کي کڻڻ جو بندوبست ٻڌايو پئي ويو.اهڙي طرح سان هڪ خصوصي ٽرين حيدرآباد کان به بوڪ ٿيل هئي جيڪا سنڌ جي مختلف اسٽاپن تان عوام ۽ ورڪرز کي کڻندي ويندي.

ميان نوازشريف شريف جي ڏيھ واپسي جو استقبال ته پنجاب جي ڌرتي تي ٿيندو مجموعي طور 2 لک ماڻھون به ن ليگ گڏ ڪري ٿي وڃي ته اها وڏي ڳالهه هوندي.ميان جي موٽ کي سندس گرفتاري کان بچڻ لاءِ  مليل ضمانت کي سندس پارٽي صدر ۽ اڳوڻو وزيراعظم شهبازشريف  چوي ٿو ته ميان نوازشريف جي ضمانت حق آھي،ن ليگ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ۽ نواز شريف جي نياڻي مريم نواز چوي ٿي ته ن ليگ ۽ نوازشريف کي ختم ڪرڻ وارا گهڻا آيا ۽ گهڻا هليا ويا پر نوازشريف اڃا موجود آھي۔اهڙين ئي بيانن سان سندس سياسي مخالف پ پ پ اڳواڻ چون ٿا ته نوازشريف جو ڀلي استقبال ٿئي پر چونڊون نه کٽندا.!!فيصل ڪريم ڪنڊي چوي ٿو ته 20 هزار پوليس اهڪارن سان ميان جو استقبال ٿي ويندو.ان کان علاوه بلاول ڀٽو زرداري چوي ٿو ته چونڊن کي هڪ شخص جي واپسي ڪري روڪيو ويو آھي!!هن جي بيان مان اهو ٿو تاثر ملي ٿو ته ن ليگ قيادت ڪنهن ڊيل تحت واپس ٿي آھي۔

هن سموري سياسي صورتحال ۾ ميان جي ڏيهھ واپسي سياست تي ڪهڙا اثر ڇڏي ٿي اهو سوال هڪ ته پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿو پر ان سوال جي پرک به اڃا صاف ۽ چٽي تڏهن ٿيندي جڏهن ميان پنهنجي استقبالي ڪيمپ يا جلسي کي خطاب ڪندو ۽ سندس اهو خطاب ۽ ان خطاب ۾ چيل ڳالهيون تعين ڪنديون ته ميان جي موٽ جا ملڪي سياست تي ڪهڙا اثر پون ٿا.

اڳوڻو سزا يافته  وزيراعظم نوازشريف ڏيھه ڀلي اچي ۽ ڏيهه اچي ڀلي سياست ڪري ۽ سياست ۾ سرگرم ٿي اليڪشن جو حصو ڀل ڇو نه وٺي ۽ ڪامياب ٿئي ڀل اقتدار جو محور ڇونه ٿئي ڀل ٿئي پر ميان نوازشريف جيڪو هن ملڪ جي سياسي ۽ اقتداري ڪاريڊورز ۽ رازن رمزن جو وڏو راز دار پڻ آھي کي هيٺين ڳالهين کي ضرور منهن ڏيڻو پوندو جنهن کان هن جو انڪاري ٿي سگهڻ  ڏکيو هوندو.

ميان نوازشريف لاءِ  اهو عام تاثر آھي ته هو پورو اسٽيبلشمنٽ آھي ۽ ٿرو اسٽيبلشمنٽ سياست۾ آيو آھي جنهن کان شايد سندس حامي به انڪار نه ڪري سگهندا پر اتي اهو به تاثر به ميان نوازشريف قائم ڪيو ته پرويز مشرف جهڙي سخت جنرل کي منهن ڏئي جيل جلاوطني قبول ڪيائين ۽ ان کان اڳ به ڪيترن ئي جنرلن سان مختلف مرحلن تي اختلاف ڪندي اقتدار وڃايائين جنهن کان ڪوبه سندس سياسي ۽ ذاتي مخالف انڪار نه ڪري سگهندو!

نوازشريف جنهن تي مختلف اقتداري دورن ۾ الزام لڳندا رهيا آھن ۽ هو انهن الزامن سبب اقتدار به جتي وڃائيندو رهيو آ اتي هن کي سياسي ۽ اقتداري عهدن لاءِ  نااهليت کي به منهن ڏيڻو پيو آهي.!!ان سموري ڏکي صورتحال ۾ ميان جي موٽ سياست جو ڏيهي تاثر ڪٿي بيهاريندي اهو اڄ لکين ماڻھن جو سوال آھي؟

سوال ته اهو به ميان آڏو آھي ته هو عدالتن معرفت يا ڪن طاقتور بيانين معرفت پنهنجي مٿان لڳل نااهليت واري تلوار ڪيئن ٿو هٽائي.؟سوال اهو آهي ته ميان صاحب ملڪ واپسي تي ملڪ جي مجموعي مسئلن جو حل ڪهڙو ٿو ڪڍي ۽ ان ڏس ۾ هن وٽ ڪهڙي ايجنڊا هوندي؟

ميان جي واپسي کانپوءِ  مالڪي معاشي ۽ سياسي ماحول ڪيئن رهندو ۽ ملڪ جي ٻڏل معيشت ۽ سياسي عدم استحڪام کي ڪيئن برقرار رکجي بابت ڪهڙو پروگرام آھي؟ملڪ جتي مسئلن جي انڀارن جو شڪار آھي اتي سياسي انارڪي کي ڪيئن منهن ڏيندو؟ملڪ جي سياسي قيادتن وٽ پنهنجي انائن وارن مسئلن ۽ اقتداري مفادن واري ماحول کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ  ڪهڙي حڪمت عملي آھي؟ملڪ ۽ رياست پهريان پوءِ  سياست واري ماحول جي ڳالھه  کي برقرار رکڻ لاءِ  ڪهڙي پاليسي هوندي؟ان کان علاوه امڪاني طور ايئن چئجي ته جي ميان تي لڳل پابنديون ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ هو اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو ته صوبائي محروميون ختم ڪرڻ لاءِ  هن وٽ ڪهڙو پروگرام آھي ؟

اهي ۽ اهڙا کوڙ سارا سوال آھن جيڪي ميان کي استقبال ملڻ کانپوءِ  سامهون اچڻا آھن ۽ انهنجو هن کي پنهنجي پارٽي قيادتن سان ملي ڪنهن حڪمتي عملي سان فيس ڪرڻا پوندا.ان کان علاوه ميان جي ڏيهھ واپسي جا ملڪ جي صوبائي سياسي ماحول تي به اثر پوڻا آھن جن ۾ خاص طور پنجاب ۽ سنڌ صوبن جي سياست جو اثر ميان جي سياست تي پوندو ئي پوندو۽ سندس سياسي سرگرمين سبب پي ٽي آئي ۽ سنڌ بيسڊ پ پ پ بيزار نظراچي رهيون آھن. پ پ پ ان جو مقابلو سنڌ ۾ ڪرڻ لاءِ  سنڌ ۾  روايتي طريقي سان ڪم ڪري رهي آھي جيئن تازو سردار علي گوهر مهر کي سان مان کڻي پ پ پ جي جهولي ۾ وڌو ويو ۽ هوڏانهن شڪارپور مان فنڪشنل ليگ سان وابسطه غوث بخش خان مهر  سندس پٽ شهريار مهر کان ويندي عارب کان مهر کي به پ پ پ جو پليٽ فارم مهيا ڪيو ويو.

اهڙي سياسي صورتحال ۾ صوبائي سياست کي ڪnٽرول ڪرڻ ۽ عوام تائين پهچڻ لاءِ  ڪهڙي ايجنڊا آھي سا هن کي ڪليئر ڪري پنهنجي سنڌ جي تنظيمي قيادت کي ڏيڻي پوندي ۽ ميان لاءِ  اها به ڳالھه  هتي رکون ٿا ته پنهنجي سياسي سربراهن کي تنظيمي فيصلن ۾ تنظيمي اختيار ملڻ هڪ سياسي پراسس جو حصو آھن انهن کي ملڻ کپن۔ تڏهن ئي وڃي صوبن جي سياسي ۽اقتداري ڪاريڊورز کي cover ڪري سگهجي ٿو باقي ٻي ڪا به صورت اهڙي ڪونهي جنهن تحت اوهان اقتدار تي پهچو .

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.