اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کي 24 آڪٽوبر تائين مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان نواز شريف کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.ياد رهي ته ڪجهه سال اڳ اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف پنهنجي ڀاءُ اڳوڻي وزير اعظم ميان شهباز شريف جي پاران لکي ڏنل دستاويز تحت ڪجهه مهينن جي لاءِ علاج ڪرائڻ لنڊ روانو ٿيو هو جيڪو ڪافي وقت ٻاهر رهڻ کان پوءِ ٻيهر پنهنجي ڏيهه واپس اچي رهيو آهي ان ڪري سياڻا چئي ويا آهن وقت ڪنهن جو انتظار ناهي ڪندو ان جي ڪري ڪجهه فيصلن کي وقت تي ڇڏي ڏبو آهي. هن ملڪ اندر هميشه تاريخ جي پنن پنهنجي مٿان سچ کي محفوظ ڪري رکيو آهي.اسان جي نوجوانن کي صرف تاريخ جي انهن پنن کي پڙهي ان مان سبق حاصل ڪري پنهنجي قدمن کي اڳتي کڻڻ گهرجي باقي هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جيڪو هن ملڪ جو حال ڪيو آهي. اهو ملڪ جي عوام جي سامهون آهي. جئين اسان ۽ اوهان جيڪڏهن ٿورو گڏجي مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان نواز شريف جي ڪيس جي حوالي سان ڪجهه ياد ڪنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف پنهنجي خلاف نيب پاران داخل ڪيل ٻن ريفرنسنز العزيز يه ۽ فليگ شپ ۾ احتساب عدالت اسلام آباد ۾ 183 ٻڌڻين مان 130 تي حاضر رهيو.هن ڪيس ۾ نيب 38 شاهد پيش ڪيا جڏهن ته ميان نواز شريف پاران هڪ به شاهد پيش نه ڪيو ويوآهي. احتساب عدالت اسلام آباد جي جج محمد ارشد ملڪ پاران 18 ڊسمبر تي محفوظ ڪيل فيصلو 24 ڊسمبر تي ٻڌائيندي اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف کي هڪ ريفرنس العزيزيه ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي جڏهن ته ٻئي ريفرنس فيلنگ شپ واري ڪيس کي خارج ڪندي چيو هو ته هيءُ ڪيس نٿو ٺهي ۽ 60 ڏينهن جيل ۾ رهڻ کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اظهرمن الله ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل 2 رڪني بينچ نوازشريف سندس ڌي مريم نواز ۽ ان جي مڙس ڪيپٽن صفدر کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت جوڙيل جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءُ ۽ ان جي ميمبرن عامرعزيز،بلال رسول۽ عرفان منگي جي جوڙيل رپورٽ جي آڌار تي احتساب عدالت طرفان ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ڏنل سزا معطل ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ کيس اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو . ۽ ڏنل سزا ان وقت تائين معطل رهڻ جو حڪم ڏنو جيستائين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيلن تي فيصلو نٿو ٿئي ان وقت تائين ڪورٽ هنن جي سزا معطل ڪري کين جيل مان آزاد ڪري ڇڏيوهو ان کان پوءِ اسلام آباد جي احتساب عدالت پڻ ميان نواز شريف تي نيب پاران جوڙيل ٻن الڳ الڳ ريفرنسن مان هڪ ريفرنس فيلنگ شپ مان بري ۽ ٻئي ريفرنس العزيزيه ۾ 7 سال جي سزا ٻڌائي کيس جيل موڪلي ڇڏيو هو.
جنهن کان پوءِ مسلم ليگ جي پاران اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي آزادي جي لاءِ ضمانت جي درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي جنهن جي ٻڌڻي جسٽس عامرفاروق ۽ جسٽس محسن اختر جي عدالت ڪندي پنهنجو 20 فيبروري تي محفوظ ڪيل فيصلو 25 فيبروري تي مختصر ٻڌائيندي ضمانت جي ڏنل درخواست رد ڪئي ۽ مختصر فيصلي ۾ چيو ته طبي بنياد تي ميان نواز شريف جي ضمانت واري درخواست قبول نٿي ڪري سگهجي ۽ سندس هن ملڪ اندر بهتر علاج ٿي رهيو آهي.
جنهن جي ڪري عدالت مسلم ليگ ن جي سربراهه جي درخواست رد ڪري ڇڏي ان کان پوءِ مسلم ليگ ن پاران اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي طبي بنيادن تي ضمانت جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي جنهن جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهي ۾ جڙيل 3 رڪني بينچ ڪئي جنهن پنهنجي مختصر فيصلي ۾ ميان نواز شريف جي طبي بنياد تي 6 هفتن جي ضمانت 50 لک جا مچلڪا جمع ڪرائڻ عيوض منظور ڪندي .کيس جيل مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته سپريم ڪورٽ پنهنجي مختصر فيصلي ۾ اهو واضح لکيو. ته ميان نواز شريف 6 هفتن جي کنيل طبي ضمانت دوران پرڏيهه نه وڃي سگهندو .پنهنجي ملڪ ۾ علاج ڪرائيندو ۽ 6 هفتا پورا ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو پاڻ کي جيل حوالي ڪندو . مسلم ليگ ن جو سربراهه 6 هفتا ٻاهر آيو ان دوران ڪجهه تجزئي نگارن جو خيال آهي . پردي جي پويان اصل واڳ ڌڻين سان ڪافي ڀيرا ڳالهيون ڪيون جيڪي ڪنهن نتيجي تي پهچي نه سگهيون ۽ ان کان پوءِ ميان نواز شريف پنهنجو پاڻ کي ساڳي جيل حوالي ڪري ڇڏيو ۽.آخر ۾ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس به کيس مليل 7 سالن واري سزا کي برقرار رکڻ وارو فيصلو ڏئي چڪو آهي. ان جي ڪري به ڏسجي ته هاڻي پاڪستان جو اقتدار اصل واڳ ڌڻي پنهنجي هٿن ۾ ٿا رکن جا وري جهڙي نموني سان اقتدار جي ڪرسي حاصل ڪرڻ واري جهڙي جي شروعات مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن گڏ جي ڪئي آهي.ان ۾ ڪامياب ٿا وڃن جا هر دفعي جيان هن دفعي به اقتدارجي ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي اڳواڻ هڪ ٻئي کي قربان ڪرڻ وارو عمل ٿا ورجهائن ڇوته اسان وٽ هن ملڪ اندر احتساب هن وقت تائين صرف ڊرامائي انداز ۾ ٿيندو رهيو آهي ۽ ڏيکاريو ويو آهي حقيقت ۾ احتساب يعني پڇاڻو جزا ۽ سزا وارو عمل اتي ٿيندو آهي جتي وقت جو حاڪم به عدل ۽ انصاف آڏو جوابده هجي ۽ معاشري ۾ ٿيندڙ ظلم زيادتيون، ناانصافيون ۽ جيڪي احساس محروميون ٿينديون هجن انهن جي نبيري لاءِ پاڻ ميدان عمل ۾ نڪري انصاف گهرندڙن کي انصاف مهيا ڪري اهڙا ئي انصاف ڀريا معاشرا ملڪن، قومن توڙي تهذيبن جي ترقيءَ جا معمار ليکيا ويندا آهن پر هن وقت جيڪو پاڪستان اندر احتساب جي حوالي سان رينگٽ هلي پيو ان عمل جو جيڪڏهن جائزو ورتو وڃي ته ماضي کان وٺي احتساب جي نالي تي ٿيندڙ ڦرلٽ ۽ اقربا پروري کي هميشهه هٿي ملندي رهي آهي ڪڏهن به پاڻمرادو ادارن ان ڳالهه جو نوٽيس نه ورتو ته ان سان اڳتي هلي معاشري ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون برايون ۽ ڪهڙا ڪهڙا مرض پيدا ٿيندا جن جو علاج به اڳتي هلي ڳولڻ ڏکيو ٿي پوندو ماضي جي ايوب خان واري مارشلائي دور هجي جنهن ۾ احتساب جي نالي ۾ ڪيترن ئي سياسي سماجي توڙي اهل علم شخصيتن کي نااهل بڻائي پنهنجي اقتداري حوس کي پوري ڪرڻ لاءِ ائين ئي ڍونگ رچايو ويو جيئن جنرل ضياءَ جي مارشلائي دور ۾ اسلام جي آڙ ۾ ماڻهن مٿان ڪوڙن جون سزائون مڙهيون ويون ان دور ۾ به ڏٺو وڃي ته اهو ئي چيو پئي ويو ته معاشري ۾ انصاف لاءِ هي سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي پر دنيا ڏٺو ته ان سان انتهاپسند ڌرين کي اڳتي وڌائڻ ۾ ايڏو وڏو ڪڌو ڪم ڪيو ويو جو اهو عذاب اڄ ڏينهن تائين سڄي ملڪي عوام جي ڳچيءَ مان اهو گنگهٽ نڪرڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي ائين وري پرويز مشرف جي دور ۾ به ساڳيون پاليسيون اهو ئي ورجايون ويون جيڪي عوام جي مفادن جي ٽڪراءَ ۾ هيون جنهن جو عوام جي مسئلن سان ذري برابر به واسطو نه هيو ائين ئي ملڪ اندر جيڪي به چونڊجي آيل جمهوري چولي ۾ جمهوري حڪومتون آيون انهن به سدائين اها ئي ٻولي ٻولي ته عوام جي حقن ۽ انهن جي احساس محرومين جو اقتدار ۾ اچي تدارڪ ڪيو ويندو پر ڏٺو وڃي ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ انهن سياسي ڌرين به عوام کي ۽ عوام جي مسئلن کي اهميت ڏيڻ بجاءِ پنهنجي پيٽ پالڻ کي وڌيڪ اهميت ڏني جو هن وقت جنهن به اداري جو دروازو کلي ٿو يا جنهن به اداري جي حقيقت اچي ٿي ته ان اداري اندر اربين کربين رپين جي ڪرپشن جو ذڪر نمايان طور نظر اچي ٿو. ان ۾ يقينن رڳو سياسي ڌريون نه پر اهي غير جمهوري قوتون به شامل آهن جيڪي ٻنهي ڌرين ٻنهي هٿن سان ملڪي عوام کي لٽڻ ڦرڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي ۽ اهي ٻئي ڌريون گهڻي قدر هر دور ۾ هر ڪرپشن ۾ هر ڪڌي ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيون آهن ۽ هن وقت به اهو ئي منظر نامو اهي درد اهي ئي ساڳيا سور اهي ئي عوام جا مسئلا جيڪي سالن کان گذرندا پيا اچن اڄ ڏينهن تائين اهي سور اهي درد توڙي عوام جا اهنج گهٽجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ۽ هاڻي وري ملڪ جي ساڳي اسٽيبلشمينٽ جنهن ميان نوازشريف کي ملڪ جي عوام اڳيان ڪرپٽ ظاهر ڪرائي کيس عدالتن مان سزا ڏياري ٻاهر موڪلڻ وقت جهڙي مهم ميڊيا وسيلي هلائي ته نوازشريف ملڪ جو دشمن آهي اڄ اها ساڳي اسٽيبلشمينٽ کيس ٻيهر هيرو ڪري ملڪ ۾ آڻي رهي آهي ان تي عوام ويچارو پنهنجا درد ڪنهن جي اڳيان رکي جيڪو اڄ ماني جي ڳڀي لاءِ پريشان آهي هاڻي ڏسجي ته اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي اچڻ کان پوءِ کيس هڪڙو عدالتن مان رليف ٿو ملي ۽ ايندڙ عام چونڊو پنهنجي وقت تي ٿين ٿيون يا وري عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ به سياسي پارٽيون عدالت جو در کڙڪائينديون