اوٻاوڙو: پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙي جي ايڊيشنل سيشن جج محمد عباس سيال پاران ايڊووڪيٽ محمد ايوب ملڪ جي گهر تي بلا  جواز پوليس چڙهائي ڪندڙ ريتي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻن اي ايس آئي ۽ هڪ سب انسپيڪٽر سميت 6 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ريتي ٿاڻي جي ايس ايڇ او رمضان ميراڻي، اي ايس آءِ فضل لغاري، اي ايس آءِ شاهنواز لغاري، سب انسپيڪٽر ڳوڌو جوڻو، پوليس اهلڪار حق نواز چانڊيو ۽ پوليس اهلڪار محرم تي ايف آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت موجب ريتي پوليس بغير اين سي ۽ ايف آءِ آر جي ايڊووڪيٽ محمد ايوب ملڪ جي گهر تي چڙهائي ڪري چارديواري جو تقدس پامال ڪيو ۽ ايڊووڪيٽ ايوب ملڪ کي ڌمڪايو ويو، ايڊوڪيٽ محمد ايوب ملڪ چيو ته بنا جواز چڙهائي ڪري ڌمڪايو ويو، عدالت پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، مون کي انصاف مليو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.