حيدرآباد (پ ر) سنڌي ھاري تحريڪ جو اجلاس مرڪزي نائب صدر علي نواز ڏاھري جي صدارت ھيٺ ڊي ٽين پليجو ھائوس تي ٿيو جنھن ۾ ڊاڪٽر دلدار لغاري، دريا خان زئور، بلاول لاشاري، ساگر درس، مظھر ميرجت، شگن ڪولھي، رياض پيچوهو ۽ ايڊووڪيٽ اشوڪ ڪمار شرڪت ڪئي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن زراعت کي تباھ ڪري ھارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل پئي ڪري، حڪمرانن پھرين پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪري انبن ڪيلن ۽ ٻين ميون جا فصل تباھ ڪري ڇڏيا جنھن سان ھارين آبادگارن ۽ ٺيڪيدارن جو اربين رپين جو نقصان ٿيو، ھاڻي ٽماٽن ۽ مرچ جي فصلن جو اگھه گھٽائي ھاري آبادگار کي معاشي طور تباھ ڪيو پيو وڃي، جڏھن ته سرمائيدار جي کنڊ زرعي دوائن ڀاڻ جو اگهھ چوٽ چاڙھيو ويو آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ھاري تحريڪ طرفان عوامي تحريڪ جي 21 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ 26 ترميم ، 27 ترميم سنڌ جي ورھاڱي جي سازش، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو دريا تي ڪئنالن خلاف اعلانيل ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي، ھاري تحريڪ جو وفد 3 جنوري تي لاھور ۾ ٿيندڙ هاري رابطا ڪائونسل جي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو اجلاس ۾ اڳواڻن طرفان مختلف ضلعن جي دورن جو فيصلو ڪيو ويو.