ڪراچي (رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب لياري بابت ٺهندڙ فلم خلاف قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پنهنجي بيان ۾ چيو ته گجرات جو قصاب پيپلز پارٽي جي چيئرمين خلاف سازش ڪري رهيو آهي، لياري بابت جيڪا شيءِ ٺاهي وئي آهي اها سازش آهي، جنهن خلاف اسين قانوني ڪارروائي ڪنداسين، هن چيو ته جڏهن سفارتي محاذ تي بلاول ڀٽو زرداري ڪاميابي سان ڪيس وڙهيو ته هتي به اسين قانوني رستو اختيار ڪنداسين، مرتضيٰ وهاب امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان کان ڪم نٿو ٿي سگهي ته اقتدار وٺڻ نه گهرجي ها، ڇا اوهان صرف پريس ڪانفرنسن ۽ ڌرڻن لاءِ آهيو؟ هن وڌيڪ چيو ته 12 لک رپيا وٺڻ باوجود جيڪڏهن اوهان گٽرن مٿان ڍڪ به نٿا لڳائي سگهو ته اها شرمندگي جي ڳالهه آهي، هي علائقو حافظ نعيم الرحمن جو آهي، پر ڪم هتي اسين ڪري رهيا آهيون انهن منافقن کي روڊ ڪٽنگ نه ڪرڻ ڏينداسين، ايندڙ هفتي کين وائکو ڪنداسين، تسبيح اسان جي هٿن ۾ به آهي، ڏاڙهي اسان وارن وٽ به آهي هتي اهي ماڻهو قابض آهن، جيڪي چوندا هئا ته اسين نجات ڏيارينداسين، ڪراچي جا پول جماعت اسلامي جا جهنڊا لڳائڻ لاءِ ناهن، ان تي اڳ ئي پابندي لڳل آهي.