ڪراچي ۾ ڀتا خورن پاران بلڊر جي آفيس تي فائرنگ، ملازم زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي گارڊن واري علائقي ۾ ڀتا خورن فائرنگ ڪري بلڊر جي ملازم کي زخمي ڪري وڌو، چيئرمينآباد حسن بخشي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڀتا خوري جا واقعا وڌي رهيا آهن ۽ انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ڪيس موجب موٽر سائيڪل تي سوار ٻن ڀتا خورن پرچي ڏئي اندر وڃي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ملازم ساجد  زخمي ٿي پيو، پرچي ۾ انٽرنيشنل نمبر لکيل هو ۽ انهي نمبر تي رابطو ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي، ڪيس ۾ دهشت گردي، ڀتا خوري ۽ قتل جي ڪوشش جون شقون شامل ڪيون ويون، پوليس موجب سي سي ٽي وي وڊيو جي مدد سان جوابدارن جي ڳولا ۽ ڪارروائي جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.