وفاقي حڪومت طرفان شروعاتي 20 مهينن ۾ ورتل قرضن جا تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان شروعاتي 20 مهينن دوران ورتل قرض جا تفصيل سامهون اچي ويا. موجوده حڪومت جي شروعاتي 20 مهينن دوران قرضن ۾ 12 هزار 169 ارب رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ اها واڌ مارچ 2024 کان آڪٽوبر 2025 تائين جي عرصي دوران ٿي.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي دستاويزن موجب مارچ 2024 کان آڪٽوبر 2025 تائين 20 مهينن دوران وفاقي حڪومت جي مقامي قرضن ۾ 11 هزار 300 ارب رپين ۽ وفاقي حڪومت جي پرڏيهي قرضن ۾ 869 ارب رپين جي واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ آڪٽوبر 2025 تائين وفاقي حڪومت جو قرض وڌي 76 هزار 979 ارب رپين تائين پهچي ويو، جڏهن ته فيبروري 2024 تائين وفاقي حڪومت جو قرض 64 هزار 810 ارب رپيا هو.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي دستاويزن موجب فيبروري 2024 تائين مرڪزي حڪومت جو مقامي قرض 42 هزار 675 ارب رپيا هو، جيڪو آڪٽوبر 2025 تائين وڌي 53 هزار 975 ارب رپيا ٿي ويو.
اهڙي ريت فيبروري 2024 تائين وفاقي حڪومت جو پرڏيهي قرض 22 هزار 134 ارب رپيا هو، جڏهن ته آڪٽوبر 2025 تائين مرڪزي حڪومت جو پرڏيهي قرض 23 هزار ارب رپين کان وڌي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.