گيولنگ (ويب ڊيسڪ)آسٽريليا جي بِگ بيش ليگ (بي بي ايل) ۾ امپائرن پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين آفريدي کي بالنگ کان روڪي ڇڏيو،
شاهين آفريدي بگ بيش ليگ ۾ برسبين هيٽ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، پر هو پنهنجي ڊيبيو ميچ کي يادگار نه بڻائي سگهيو.
ميلبورن رينيگيڊز خلاف ڊيبيو ميچ ۾ شاهين آفريدي 2 ڏهائي 4 اوورن ۾ 43 رنسون ڏنيون ۽ ڪا به وڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيو.
ميچ دوران شاهين آفريدي پنهنجي ٽئين اوور ۾ 2 بيمرز ڪيا، جنهن کانپوءِ امپائرن کيس وڌيڪ بالنگ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو.
ان کانسواءِ پاڪستان جو ٻيو سپر اسٽار محمد رضوان به پنهنجي ڊيبيو کي يادگار نه بڻائي سگهيو.
ساڳي ميچ ۾ ميلبورن رينيگيڊز جي نمائندگي ڪندي محمد رضوان 10 بالن تي رڳو 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
You might also like