راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ ڀارتي حمايت يافتا 13 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب 12 ۽ 13 ڊسمبر دوران سيڪيورٽي فورسز ٻن ڌار ڌار ڪارروائين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان واسطو رکندڙ 13 دهشتگردن کي ماريو.
مهمند ضلعي ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو ويو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 7 دهشتگردن کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب ٻيو انٽيليجنس بيسڊ آپريشن بنون ضلعي ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز 6 دهشتگردن کي ماريو.
Next Post
You might also like