ڪتابي ميلا ۽ ڪتاب پڙهڻ جو وڌندڙ لاڙو

تحرير: جسارت الياس جوکيو

ٺٽي پريس ڪلب جي اڱڻ تي ضلعي جي مشھور جهوني استاد ۽ ڪوھستان جي اديب حاجي محمد الياس ”ھمغم“ جوکيو جي نانءُ  سان منسوب ٽي روزه ڪتابي ميلو لڳايو ويو،  جنهن جي پڄاڻي گذريل ڏينهن آچر  تي ٿي. هن ميلي جو افتتاح ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، ريڊرس فورم جي صدر قادر داد خشڪ، پاڻي ماھر انجنيئر اوڀايو خشڪ، مالماڙي ادبي فورم جي سيڪريٽري جسارت الياس جوکيو ۽ سنڌو سنڌي، سنڌي ادبي سنگت مڪلي جي سيڪريٽري رمضان ميمڻ، ٺٽي پريس ڪلب جي عهديدار اسماعيل ميمڻ ڪيو.

 ٽن ڏينھن واري ميلي ۾ نوجوانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ ڪتاب خريد ڪيا. شريڪ ٿيندڙن پنھنجي خيالن جي اظھار ۾ اھو واضح ڪيو ته موبائل فون ۽ ٻي ٽيڪنالاجي نوجوانن کي ڪتابن  کان پري ڪري رھي آھي، جنھن جي ڪري نوجوان نسل جي ذھني تربيت نه پئي ٿئي ۽ اھڙن ڪتابي ميلن ۾ نوجوانن کي ڀرپور شرڪت ڪري نه رڳو پاڻ پر پنھنجن دوستن سميت اچي ڪتاب خريد ڪري پڙھڻ گهرجي ڇو ته رعايتي قيمت تي ڪتاب خريد ڪرڻ ھر ڪنھن لاءِ سولو ھوندو آھي.

ميلي ۾ ٻئي ڏينھن جهوني استاد ۽ اديب حاجي محمد الياس ”ھمغم“ جوکيو پنھنجي اھليه حاجاڻي شير خاتون جوکيو، فرزندن مسرت الياس، بشارت الياس، جسارت الياس، شھرت الياس، ڌيءَ شعوران خانم، ليکڪه سنڌو سنڌي کان علاوه علي محمد جوکيو، باغ حسين جوکيو، امتياز جوکيو، آصف علي جوکيو، بشير احمد جوکيو، اشتياق رفيق جوکيو، سجاد ميمڻ، پ ٽ الف ضلعي صدر شريف تنيو، سرور جوکيو، پروفيسر عبدالستار ميمڻ، پروفيسر مظفر ميمڻ، عبدالحفيظ جانوري، ڊاڪٽر انور علي شاھ، ساجن علي جوکيو ۽ ٻين نوجوانن کان علاوه ٺٽي پريس ڪلب جي صحافين جي وڏي انگ سان گڏ شرڪت ڪئي ۽ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي اھو پڻ چيو ته اھڙن ميلن جي انعقاد سان ماڻھن ۾ ڪتابن جو عشق پئدا ٿيندو، جيڪو اسان جو وڃايل تاريخي ورثو ڳولڻ ۾ مدد ڪندو. ياد رھي ته ھن ميلي ۾ نياڻين ۽ ٻارڙن جي به وڏي انگ شرڪت ڪئي، جن پڻ ڪتاب خريد ڪيا. انھن ۾ ڊاڪٽر گلزار بانو، بينظير عرف ڀاڳان، سورٺ جوکيو، مصباح بشارت، درخشان جوکيو، حفصه مسرت، تنزيله امتياز، طالبينه ساجن، محمد مصعب، محمد ريان، منحه فاطمه شھرت، تنزيل امتياز، محمد مصدق، مسرور حسين ۽ منصور حسين شامل ھئا. اھڙيءَ ريت ٺٽي پريس ڪلب ۾لڳندڙ ٽي روزه ڪتابي ميلي مان نه رڳو  نوجوانن پر پوڙھن توڙي ننڍڙن ٻارن ڪتاب خريد ڪيا ۽ سنڌ دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. مالماڙي ادبي فورم جي سهڪار سان لڳندڙ هن ميلي ۾ پيڪاڪ، ڪاڇو ۽ ٻين سنڌ جي مشهور اشاعتي ادارن جا اسٽال لڳايا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.