ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي تازي رپورٽ موجب ملڪ ۾ بدعنواني جي لحاظ کان پوليس پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته ٽينڊرن ۽ پروڪيورمينٽ جو نظام ٻئي ۽ عدليه ٽئين نمبر تي شمار ڪيا ويا آهن۔ صوبائي درجابندي ۾ سنڌ ڪرپشن ۾ پهرين، پنجاب ٻئي ۽ بلوچستان ٽئين نمبر تي آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا هن فهرست ۾ چوٿين نمبر تي اچي ٿو۔ اهي انگ اکر صاف ظاهر ڪن ٿا ته ڪرپشن هاڻي ڪنهن هڪ اداري يا علائقي جو مسئلو ناهي رهيو، پر سڄي نظام جي بنياد ۾ گهڙي چڪي آهي۔ ان ئي پس منظر ۾ صدر پاڪستان ڪرپشن کي ناسور قرار ڏنو آهي ۽ اهو بيان ان ڪري به خاص اهميت رکي ٿو جو ماضي ۾ صدر آصف علي زرداري تي پاڻ به ڪرپشن جا الزام لڳندا رهيا آهن، جڏهن ته سندن تعلق به انهن ئي صوبن مان هڪ، سنڌ، سان آهي، جيڪو بدعنواني جي سخت بار هيٺ دٻيل آهي۔ سندن هي اعتراف رڳو رسمي جملو ناهي، پر سنڌ جي زميني حقيقت جو کليل ۽ اعتراف پڻ آهي۔
سنڌ جي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺندي ان پس منظر ڏانهن نظر وجهڻ ضروري آهي، جنهن ۾ اربين ڊالرن جي عالمي امداد هن صوبي کي ملي۔ 2010ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ کانپوءِ به سنڌ کي وڏي پيماني تي فنڊ مليا هئا، پر 2022ع جي ٻوڏ واري آفت صوبي کي بدترين تباهي سان منهن ڏيڻو پيو۔ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، ڳوٺ اجڙي ويا، زرعي زمينون تباهه ٿي ويون ۽ انفراسٽرڪچر مٽيءَ ۾ ملي ويو۔ اهڙي صورتحال ۾ ورلڊ بينڪ لڳ ڀڳ هڪ اعشاريه ڇهه ٻه ارب ڊالرن جي امدادي پيڪيج جي منظوري ڏني، جنهن تحت پنج وڏا منصوبا شروع ڪيا ويا۔ هائوسنگ ريڪنسٽرڪشن لاءِ پنج سئو ملين ڊالر رکيا ويا، جڏهن ته ايتري ئي رقم انفراسٽرڪچر، روڊن، پلن، نيڪالِ آب ۽ آبپاشي نظام جي بحالي لاءِ مختص ڪئي وئي۔ زرعي شعبي جي بحالي لاءِ لڳ ڀڳ ٻه سئو ٻيانوي ملين ڊالر، جڏهن ته صحت، غذائيت ۽ بنيادي طبي مرڪزن جي بحالي لاءِ لڳ ڀڳ ٻه سئو ملين ڊالر رکيا ويا۔ بعد ۾ 2024ع ۾ وڌيڪ چار سئو پنجاهه ملين ڊالر به منظور ڪيا ويا ته جيئن هائوسنگ منصوبن جي تڪميل ممڪن بڻجي سگهي۔
اهي سڀ انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته دنيا سنڌ جي بحالي لاءِ ڪيتري وڏي سيڙپڪاري ڪئي۔ پر جڏهن اڄ سنڌ جي زميني حقيقت ڏانهن نظر وڌي وڃي ٿي ته تصوير انهن انگن اکرن کان بلڪل ابتڙ نظر اچي ٿي۔
ڪراچي، جيڪو ڪڏهن روشنيءَ جو شهر سڏبو هو، اڄ صفائي، ٽرانسپورٽ، پاڻيءَ جي فراهمي، نيڪالِ آب، ٽريفڪ ۽ انفراسٽرڪچر جي لحاظ کان هڪ بي ترتيب ۽ ٽٽل ڦٽل شهر لڳي ٿو۔ هر هنڌ ڪچري جا ڍير، ٽٽل روڊ ۽ ناقص نيڪال جو نظام اهو ثابت ڪن ٿا ته فنڊ ڪٿي نه ڪٿي رستي ۾ ئي جذب ٿي ويا آهن۔ ٻهراڙي وارن علائقن جي حالت ته ان کان به وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي۔ ڪيترائي علائقا اڄ به ٻوڏ کانپوءِ بحالي جا منتظر آهن۔ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ ۽ دوائن جي کوٽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته امداد جو وڏو حصو عوام تائين نه پهتو آهي۔ اتي بحاليءَ بدران زندگي وڌيڪ مشڪل بڻجي وئي آهي۔ صحت جو شعبو سنڌ جي ناڪاميءَ جي سڀ کان وڏي مثال آهي۔ ٻهراڙي جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر موجود ناهن، دوائون غائب آهن، ليبارٽريون غيرفعال آهن ۽ ايمبولينسون ناڪاره بڻيل آهن۔ حامله عورتن کي وقت سر طبي سهولت نٿي ملي ۽ ڪيترائي ٻار رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏين ٿا، ڇو ته اسپتالن تائين پهچڻ لاءِ روڊ به قابلِ استعمال ناهن۔
ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ به سرڪاري اسپتالن جي حالت انتهائي خراب آهي۔ بسترا گهٽ آهن، مشينون خراب آهن ۽ دوائون مارڪيٽ مان مهانگن اگهن تي خريد ڪرڻيون پون ٿيون۔ عالمي فنڊن جي باوجود صحت جو نظام اها بهتري نه ڏئي سگهيو، جنهن جي اميد هئي۔ تعليم جو شعبو به ڪرپشن ۽ بدانتظاميءَ جي ور چڙهيل آهي۔ سنڌ ۾ هزارين بند پيل اسڪول آهن، جيڪي رڳو ڪاغذن ۾ هلي رهيا آهن۔ استاد پگهارون ته وٺن ٿا، پر ٻارن جو مستقبل ٿي رهيو آهي۔ ٻوڏ کانپوءِ اسڪولن جي بحالي جون دعوائون ڪيون ويون، پر حقيقت ۾ اڄ به سوين عمارتون مرمت جي انتظار ۾ آهن۔ سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ به ڪرپشن جا سنگين اسڪينڊل سامهون آيا آهن ۽ 2025ع ۾ پي اي سي انهن سڀني جو خصوصي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو۔ مارڪ شيٽن جي خريد و فروخت، امتحاني نظام جون ڪمزوريون ۽ مالي بي ضابطگيون تعليم جي سموري ڍانچي کي لوڏي ڇڏيو آهي۔
اهي سڀ حقيقتون ثابت ڪن ٿيون ته سنڌ جي تباهيءَ جو اصل سبب وسيلن جي کوٽ ناهي، پر ڪرپشن، ناقص حڪمراني، سياسي مداخلت ۽ ڪميشن ڪلچر آهي۔ فنڊ اچن ٿا، پر عوام تائين نٿا پهچن۔ منصوبا ٺهن ٿا، پر مڪمل نٿا ٿين۔ افتتاحي تختيون ته لڳي وڃن ٿيون، پر ترقي ڪاغذن کان اڳتي نٿي وڌي۔ عوام روزگار، صحت، تعليم، صاف پاڻي ۽ بهتر زندگي چاهي ٿو، پر ان جي بدلي ۾ کين محرومي ۽ مايوسي ملي ٿي۔ جيڪڏهن سنڌ کي واقعي ترقي ڏيڻي آهي ته شفافيت، سخت احتساب، آزاد ادارن جي مضبوطي، موثر نگراني ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سنجيده ڪوشش ئي اهو رستو آهي، جيڪو صوبي کي نئون رخ ڏئي سگهي ٿو۔
عالمي امداد به تڏهن ئي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ان جو صحيح استعمال يقيني بڻايو وڃي۔ سنڌ جا نوجوان روشن مستقبل جا خواهشمند آهن، عورتون بهتر صحت ۽ تحفظ چاهين ٿيون ۽ هاري پاڻي ۽ سهائتا جا منتظر آهن۔ پر جيستائين ڪرپشن جو هي سلسلو جاري رهندو، تيستائين ڪا حقيقي تبديلي ممڪن ناهي۔ سوال اهو ئي آهي ته منهنجي سنڌ ڪڏهن بدلجندي؟ ۽ ان سوال جو جواب تڏهن ئي ملي سگهندو، جڏهن هن صوبي مان ڪرپشن جي هن ناسور جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو۔ نه ته ايندڙ نسل به ساڳئي اوندهه ۾ زندگي گذاريندا، جنهن ۾ اڄ جو عام شهري پنهنجي زندگي گذاري رهيو آهي۔