روس جو يوڪرين تي هائپر سونڪ ميزائل حملو، وڏو حصو بجلي کان محروم

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس هائپر سونڪ ميزائل سان يوڪرين جي فوجي ۽ توانائي اثاثن کي نشانو بڻايو، جنهن سبب لکين گهر بجلي کان محروم ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب يوڪريني اختيارين جو چوڻ آهي ته ڇنڇر جي رات روس طرفان يوڪرين جي توانائي ۽ صنعتي انفرا اسٽرڪچر کي نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب يوڪرين ۾ 10 لک کان وڌيڪ گهر بجلي کان محروم ٿي ويا.
پنهنجي بيان ۾ يوڪريني صدر زيلنسڪي چيو ته روس رات دير سان ڪيل حملن ۾ 450 کان وڌيڪ ڊرون ۽ 30 ميزائل استعمال ڪيا، روسي حملن سان ڪيترن ئي شهري اثاثن کي نقصان پهتو.
يوڪرين جي گهرو زارت چيو ته روس طرفان 5 علائقن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ماڻهو زخمي ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.