پنوم پن (ويب ڊيسڪ) ڪمبوڊيا ٿائلينڊ سان جاري سرحدي ڇڪتاڻ ۽ تازين جهڙپن کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سمورا سرحدي رستا بند ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪمبوڊيا ۽ ٿائلينڊ وچ ۾ پراڻي سرحدي تڪرار سبب تازو شديد جهڙپون ٿيون، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 ڄڻا مارجي ويا آهن، جن ۾ چار ٿائي فوجي به شامل آهن، جڏهن ته جهڙپن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا تقريبن 5 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن.
ڪمبوڊيا جي گهرو وزارت اعلان ڪيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا سرحدي لنگهه فوري طور اچ وڃ لاءِ معطل ڪيا ويا آهن.
سرحدي تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، ڪمبوڊيا جو ٿائلينڊ سان هر قسم جي اچ وڃ بند ڪرڻ جو اعلان
You might also like