سنڌ حڪومت جو ”ڌرنڌر“ جي جواب ۾ ”ميرا لياري“ فلم رليز ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاڪستان مخالف ڀارتي فلم ”ڌرنڌر“ جي جواب ۾ فلم ”ميرا لياري“ رليز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڀارتي فلم پاڪستان خلاف سازش آهي، لياري جو اصل ڪلچر ڏيکارڻ لاءِ ”ميرا لياري“ جي نالي سان فلم رليز ڪئي ويندي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڌرنڌر فلم پاڪستان جو ناڪاري چهرو ڏيکارڻ جي پروپيگنڊا جي ڪڙي آهي، جنهن ۾ خاص طور لياري کي هدف بڻايو ويو آهي.
هن لکيو ته حقيقت ۾ لياري پرتشدد ناهي پر امن، ثقافت، ٽيلينٽ ۽ حوصلي جي علامت وارو علائقو آهي، لياري جي اصل تصوير دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ”ميرا لياري“ جي نالي سان فلم رليز ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ دنيا کي لياري جو امن، خوشحالي ۽ فخر ڏيکاريو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.