نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي پي ايس ايل 11 جي تاريخن جو اعلان ڪري ڇڏيو، 11هون ايڊيشن 26 مارچ 2026 کان 3 مئي تائين کيڏيو ويندو.
محسن نقوي نيو يارڪ ۾ پاڪستان سپر ليگ جي روڊ شو ۾ پي ايس ايل 11 جي تاريخن جو اعلان ڪيو، روڊ شو ۾ پي سي بي جي عهديدارن، قومي ڪرڪيٽرن به شرڪت ڪئي.
پي سي بي چيئرمين چيو ته پي ايس ايل ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي فائدو ٿيندو آهي، پي سي بي ۽ پي ايس ايل جي انتظاميا ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر رميز راجا چيو ته ليگ سان پاڪستان جي نوجوان ڪرڪيٽرن کي پرڏيهي ڪرڪيٽرن سان کيڏڻ جو موقعو ملندو آهي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر وسيم اڪرم چيو ته پي ايس ايل پاڪستان جي ڪرڪيٽ شوقينن کي سٺي تفريح جو موقعو فراهم ڪري رهي آهي.
You might also like