سارين جو اگهه ڪيرائڻ خلاف حيدرآباد ۾پ پ شهيد ڀٽو جو احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو طرفان سارين جو اگهه ڪيرائڻ خلاف ٻئي ڏينهن به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي ارشاد خاصخيلي، عليم قريشي، رشيد ناريجو، مصطفيٰ پالاري، ڪامران قمبراڻي، سڪندر دستي ۽ ٻين چيو ته سارين جو فصل لهڻ شرط  ئي اگهه ڪيرايا ويا آهن جنهن سان غريب هاري وڏي نقصان کي منهن ڏئي رهيا آھن، جڏھن ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي به پورو نه ڏنو ويو هڪ مهينو دير ڪئي وئي، هنن چيو ته سارين جو اگهه تمام گهٽ ملي رهيو آهي، جڏھن ته ڀاڻ جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آھن، هر شيءَ مهانگي ٿي وئي آھي ،هاري اڃا وڏي عذاب ۾ آھي. جڏھن ته پاڻي دير ملڻ سبب سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين غير آباد ٿي وئي آھي، هنن مطالبو ڪيو ته سارين جو اگهه 5 هزار مقرر ڪري هارين سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.