ڪراچي ۾ سنڌ وائلڊ لائيف عملدارن ۽ پکي وڪرو ڪندڙن ۾ جهيڙو

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ سنڌ وائلڊ لائيف ٽيم ۽ پکي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندڙن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو .سنڌ وائلڊ لائيف عملدارن موجب پکي مارڪيٽ جي ڪجهه دڪاندارن ڪارروائي  ڪرڻ کان روڪيو ۽ مزاحمت ڪئي، جڏهن ته ڪجهه دڪاندارن ٽيم تي لٺين سان حملو ڪيو، ڊپٽي ڪنزرويٽر وائلڊ لائيف ممتاز سومرو جو چوڻ هو ته ٽيم کي پنهنجو فرض سرانجام ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته خبر پئي آهي ته پکين جي مارڪيٽ ۾ ناياب پکي وڪرو ٿي رهيا آهن .

پي ٽي آءِ وڪيل شير افضل مروت جو سپريم ڪورٽ ٻاهران شهري سان جهيڙو

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل شير افضل مروت جي سپريم ڪورٽ جي انٽري گيٽ تي شهري سان جهيڙو ٿي پيو. شير افضل مروت قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي ڪيس ۾ پيشي لاءِ سپريم ڪورٽ پهتو ته سندس گيٽ تي شهري سان جهيڙو ٿيو. شير افضل مروت جو چوڻ هو ته شهري کيس بنا ڪنهن سبب جي گارگند ڪئي ۽ هو ان ماڻهو کي نه پيو سڃاڻي. اکين ڏٺن شاهدن موجب شهري درخواست داخل ڪرڻ لاءِ پوليس اسٽيشن سيڪريٽريٽ ويو جڏهن ته شير افضل مروت وڌيڪ ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد هو هاءِ ڪورٽ روانو ٿي ويو. ياد رهي ته گذريل مهيني به وڪيل شير افضل مروت جو هڪ خانگي ٽي وي چينل تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سينيٽر افنان الله سان جهيڙو ٿيو هو.

ڪراچي، ڦر دوران عورتن سان بدتميزي، برمي گينگ جا 6 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي پوليس ڦر دوران عورتن سان بدتميزي ڪندڙ برمي گينگ جي 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، سرجاڻي ٽائون پوليس ناردرن بائي پاس تي ڪارروايون ڪندي بين الصوبائي برمي ڦر جي واقعي ۾ ملوث 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي ويسٽ موجب  برمي گينگ واقعي دوران عورتن سان نازيبا حرڪتون ڪندا هئا، برمي گينگ جو ماسٽر مائينڊ 2 ڏينهن اڳ پاڪستان بازار ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو، شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڦرلٽ سميت سنگين ڏوهن ۾ ملوث پرڏيهين (برمي گينگ) جي گرفتار ڪيل ڦورن ۾ محمد علي، اسماعيل، سڪندر، حبيب الرحمان، ڪبير ۽ يونس شامل آهن. 2 ڏينهن اڳ پاڪستان بازار ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل برمي گينگ جي ماسٽر مائينڊ جي سڃاڻپ عبدالحفيظ ۽ ابوالحسن طور ٿي آهي، جوابدار پوليس ۽ ايجنسين سان لاڳاپا ظاهر ڪري گهرن ۾ داخل ٿيندا هئا. برمي گينگ جا ڪارندا واقعي دوران عورتن سان بي حيائي واريون حرڪتون ڪندا هئا.

پاڪستان غزا ۾ فوج موڪلڻ جو فيصلو ناهي ڪيو: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته غزا جي صورتحال تي سڀني کي ڳڻتي آهي، پاڪستان فلسطين جي حفاظت لاءِ فوج موڪلڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو،پرڏيهي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن غزه ۾ جاري اسرائيلي ظلمن تي پاڪستان  جو موقف واضح ڪيو، پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان هميشه امن ۽ ٽياڪڙي جي ڳالهه ڪئي آهي، اميد ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزه جي صورتحال تي ڀرپور قدم کڻندي،پاڪستان طبي سامان، خيما ۽ ڪمبل غزا روانو ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.