ڪراچي ۾ بدفعلي بعد ٻالڪ قتل، ايم ايل او جي غفلت، لاش9 ڪلاڪ پيل رهيو!

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) زيادتي ۽ تشدد سبب قتل ٿيل ٻارڙي سان وڌيڪ ظلم جو انڪشاف، ٻارڙي جو لاش 9 ڪلاڪن تائين پيل رهيو پر ايم ايل او پوسٽ مارٽم نه ڪيو، ڪراچي پورٽ قاسم انڊسٽريل ايريا ڀرسان 6 ورهين جي ٻارڙي جو لاش سڪل نالي مان هٿ اچڻ واري واقعي  جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پوسٽ مارٽم ۾ انڪشاف ٿيو ته معصوم ٻارڙي کي تشدد بعد قتل ڪيو ويو، سکڻ ٿاڻي تي زيادتي ۽ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو،  فريادي اي ايس آءِ علي گوپانگ جو چوڻ آهي ته هو مددگار جي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهتو، جتي ڪرائم سين جي ٽيم پهرين شاهديون گڏ ڪيون ۽ پوءِ لاش کڻائي ساڍي 11  جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، ايم ايل او جناح ڊاڪٽر عبدالباسط کي لکيل خط پيش ڪيو، ڪيس جي فريادي جو چوڻ آهي ته رات 8:15 تي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ڊاڪٽر راجندر ڪمار رپورٽ ڏني، موت جو ڪارڻ جنسي ڏاڍائي کانپوءِ تشدد ڪري قتل ڪرڻ قرار ڏنو ويو، ايس آءِ اي علي گوپانگ جو چوڻ هو ته سموريون ٽيسٽ ڪٽس ۽ نمونا هٿ ڪيا ويا آهن ۽ ٻارڙي جو لاش 3 ڏينهن تائين امانتا ايڌي جي مرده خاني ۾ رکيو ويو هو، جنهن بعد انڪشاف ٿيو ته معصوم ٻارڙي کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو هو، هاڻي پوليس ڪارروائي ڪري رهي آهي، ٻئي طرف زيادتي ۽ تشدد ڪري قتل ٿيل ٻارڙي سان وڌيڪ ظلم جو انڪشاف ٿيو آهي، ٻارڙي جو لاش 9 ڪلاڪن تائين پيل رهيو پر ايم ايل پوسٽ مارٽم نه ڪيو ايم ايل او جي انتهائي غفلت سامهون آئي، سڄاڻ ڌرين پاران افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر عبدالباسط خلاف ڪارروائي لاءِ سيڪريٽري صحت کي خط

ڪراچي: ٻئي پاسي ايم ايل او پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه سخت نوٽيس وٺندي ڊاڪٽر عبدالباسط خلاف سيڪريٽري صحت کي خط  لکي ڇڏيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عبدالباسط  خلاف سخت  ڪارروائي ڪئي وڃي، ايم ايل او جناح ڄاڻي واڻي ٻار جو پوسٽ مارٽم نه ڪيو، ڊاڪٽر سمعيه جو چوڻ هو ته ٻارڙي جو لاش پيل رهيو، ايم ايل او آفيس مان اٿي هليو ويو، ايم ايل او جي دير پوسٽ مارٽم ۾ ثبوت ضايع ٿيڻ جو سبب بڻجندو، ڊاڪٽر باسط پوسٽ مارٽم نه ڪيو جنهن بعد شام جي ڊاڪٽر کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، ڊاڪٽر عبدالباسط کي به فون ڪيو پر هن فون بند ڪري ڇڏيو، هن وڌيڪ چيو ته هي پهريون ڀيرو ناهي جڏهن ڊاڪٽر عبدالباسط اهڙو ڪم ڪيو آهي، کيس دير سان اچڻ ۽ جلدي وڃڻ جي عادت آهي، هفتن تائين رپورٽون جمع نه ڪرائڻ جي کيس عادت پيل آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.