ڪراچي لاءِ ٽي ماهي ۾ ٻيو ڀيرو بجلي مهانگي ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي ( م ڊ ) ڪراچي لاءِ هڪ ئي ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ ٻيو ڀيرو بجلي مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ جي درخواست تي نيپرا ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي. ڪي اليڪٽرڪ اپريل  کان جون 2023ع جي ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪي اليڪٽرڪ 3.02 رپيا في يونٽ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. حڪومت جي درخواست تي ساڳئي ٽه ماهي ۾ نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 3 رپيا 28 پئسا في يونٽ واڌ ڪري چڪي آهي.نئين درخواست ۾ ڪي اليڪٽرڪ طرفان 16 ارب رپين جون وڌيڪ رهتون گهريون ويون  آهن.ڪراچي چيمبر جي نمائندي تنوير باري بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته صنعتن لاءِ بجلي 55 رپيا في يونٽ تي پهچي چڪي آهي، ڪراچي جا شهري اڳ ئي 10 رپيا في يونٽ مختلف ايڊجسٽمينٽ لاءِ ادا ڪري رهيا آهن. نيپرا پنهنجو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪليندي، وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي واهپيدارن تي واڌ لاڳو ٿي سگهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.