ڪراچي(رپورٽر) اليڪشن ٽربيونل ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ واريون درخواستون خارج ڪندي اليڪشن ٽريبونل رٽرننگ آفيسر جو فيصلو درست قرار ڏئي ڇڏيو، ميئر ڪراچي کي اليڪشن وڙھڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، سٽي ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل اولهه ۾ مرتضيَٰ وهاب جي ڪياماڙي ضلعي مان نامزدگي فارم جي منظوري خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، اليڪشن ٽربيونل رٽرننگ آفيسر جو فيصلو درست قرار ڏيندي نامزدگي فارم جي منظوري خلاف جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ اميدوارن جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، يوسي 8 ابراهيم حيدري جي رٽرننگ آفيسر مرتضيٰ وهاب جا نامزدگي فارم درست قرار ڏيندي منظور ڪيا هئا، جنهن تي پي ٽي آءِ جي 4 ۽ جماعت اسلاميءَ جي ٻن اميدوارن نامزدگي ڪاغذن کي چئلينج ڪيو هو، يونين ڪميٽي ابراهيم حيدري تان پي ٽي آءِ جي عورت اميدوار جميلا بلوچ ۽ پ پ جي مرتضيٰ وهاب وچ ۾ مقابلو ٿيندو.