20 سال پراڻي تڪرار جو فيصلو، مرزا شگر مل جي درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مرزا شوگر مل پاران خانگي بئنڪ کي قرض جي ادائگي نه ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت 20  سالن کانپوءِ تڪرار جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت مرزا شوگر مل جي پاران بئنڪ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت بئنڪ جي درخواست منظور ڪندي رقم جي ادائگي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌهاءِڪورٽ ۾ بئنڪ قرض شيڊول موجب رقم واپس نه ڪرڻ جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته معاهدي موجب مرزاشوگر مل سميت 113ايڪڙزمين، مشينري ۽ ورڪشاب بئنڪ وٽ گروي آهي، قرضي جي وصولي جي لاءِ بئنڪ مرزاشوگر مل جي ملڪيت وڪرو ڪري سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.