ٻين کي لاڏلو سڏڻ وارا اڄ پاڻ لاڏلا بڻجي ويا آهن : مونس الاهي

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مونس الاهي جو چوڻ آهي ته جيڪي ٻين کي لاڏلو چوندا هئا اهي اڄ پاڻ لاڏلا بڻجي  ويا آهن. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مونس الاهي چيو ته سزا يافته مجرم نواز شريف کي آزاديءَ سان هلڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. مونس الاهي وڌيڪ چيو ته نه پئسا، نه موٽر سائيڪل ۽ نه جنت جي ٽڪيٽ هنن جي ڪنهن ڪم ايندي. پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چيو ته ن ليگ کي جيڪو ڪرڻو آهي اهو ڪري، عوام کين رد ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.