نگران وزيراعظم جي چيني صدر سان ملاقات، لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق

بيجنگ(م ڊ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين پاڪستان جو اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي، پاڪستان کي چين جي  دوستي تي فخر آهي، چين سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ چاهيون ٿا ۽ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو چيلينجز کي منهن ڏيڻ جو بهترين رستو آهي.بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي موقعي تي چيني صدر سان ملاقات ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسان هميشه چين سان گڏ ويهنداسين ۽ اوهان تي انڌو اعتماد آهي.هن چيو ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ ڏار نٿي وجهي سگهي، چين گذريل ڪيترن سالن کان جدت جو جيڪو رستو اختيار ڪيو آهي، اهو پاڪستان لاءِ مشعل راهه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.