غيرقانوني پرڏيهي مرضي سان نه ويا ته منظم ڪارروائي ٿيندي: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته غير قانوني رهندڙ پرڏيھي پنهنجي مرضي سان نڪتا ته ٺيڪ آهي، ٻي صورت  ۾ انتهائي منظم ڪارروائي ٿيندي، خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته سندس سربراهي ۾ پوليس سيٽ اپ کي ٿوري وقت لاءِ چونڊيو ويو آهي جنهن جو مقصد چونڊون ڪرائڻ ۽ پولنگ اسٽيشنن ۽ عملي کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي، سنڌ پوليس ۾ سياسي مداخلت بابت سوال تي آءِ جي سنڌ چيو ته مون رڳو ٻڌو ۽ ڏٺو آهي ته صوبي جو ڪلچر ڇا آهي. ڪم ڪندي لڳ ڀڳ 50 ڏينهن گذري ويا آهن، هڪ ڏينهن به نه هن کي اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو ۽ نه وري ڪا سياسي مداخلت ٿي آهي، ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ڪاررواين بابت هن چيو ته 4 ڌاڙيل مارجي ويا آهن ۽ 9 ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪيا آهن، جن مان 2 جي سر جي قيمت مقرر هئي، پرڏيهين جي حوالي سان هن چيو ته جيڪي به رضاڪاراڻا طور نڪتا ته ٺيڪ  آهي، ٻي صورت ۾ ڪارروائي ٿيندي، حڪومت طرفان واضح هدايتون آيون آهن، انتهائي منظم قدم کنيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.