ايس ايس پي ۽ ڊي ايس خانپور ۾ اختلاف،خالد مصطفيٰ ڪورائي تي سنگين الزام

خانپور (رپورٽ عاصم دايو) ڊي ايس خانپور ۽ ايس ايس پي شڪارپور ۾ اختلاف سامهون اچي ويا، ڊي ايس پي خانپور مھدي رضا ٽالپر  ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي کي سائيڪو ذهني مريض، ٽڪ ٽاڪر ۽ اداڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ڊي ايس پي خانپور مهدي رضا ٽالپر چيو ته ايس ايس پي شڪارپور ٽڪ ٽاڪر ۽ اداڪار سان گڏوگڏ ذهني مريض آھي، اردلي کان ڊي ايس جو ڪم ۽ ڊي ايس پي کان اردلي وارو ڪم وٺڻ چاھي ٿو، ٿاڻا ٽي سي اھلڪارن حوالي ڪري ڇڏيا آھن، ايس ايس پي شڪارپور ٽي سي اھلڪارن جيڪي ڏوھارين جاساٿي آھن انھن کي ويجھو رکي ٿو، ڪوٽ شاھو ٿاڻي تان ايس ايڇ  او ۽ اھلڪار اغوا ٿي ويا ان وقت ايس ايس پي شڪارپور مون کي ويجھو ئي نه اچڻ ڏنو، مان ھڪ ڊي ايس پي آھيان مون کان اردلي جو ڪم وٺڻ لاءِ چوندو رھيو ۽ ٽي سي جيڪي ڏوھارين جا ساٿي آھن انھن کان ڊي ايس پي جو ڪم وٺندو رھيو، هن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور تيل جي مد ۾ ڪرپشن ڪري ٿو منھنجو تيل 600 لٽر جي بدران 250 لٽر ڏئي ٿو ۽ ٿاڻن جي تيل مان به وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪري ٿو، ايس پي شڪارپور سائيڪو پيشنٽ آھي ۽ بداخلاق آھي، ميٽنگ ۾ به مون کي گاريون ڏيندو رھيو، بھترين آفيسر جو اھو ڪم نه آھي ته ڪنھن آفيسر کي بلا جواز گاريون ڏئي جڏھن ايس ايس پي شڪارپور ڳالھائي ٿو ته وفلي ٿو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي ھڪ بھترين پوليس آفيسر آھي جنھن ڪوٽ شاھو جي ايس ايڇ او ۽ مغوي پوليس اهلڪارن کي آزاد ڪرايو ايس ايس پي شڪارپور جو ڪو به ڪردار نه آھي ھو صرف اداڪاري ڪندو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.