حيدرآباد (اي پي پي) ڪمشنر حيدرآباد خالد حيدر شاهه ڊويزن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن، ايس ايس پيز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجن لاڳاپيل ضلعن ۾ رهندڙ غير رجسٽرڊ افغاني رهواسين جي معلومات حاصل ڪرڻ ۽ سندن نشاندهي ڪرڻ جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪن ۽ ان ڏس ۾ حساس ادارن کان به مدد ورتي وڃي ته جيئن پهرين نومبر 2023 کان اڳ حيدرآباد ڊويزن ۾ رهندڙ غير رجسٽرڊ افغانين جي سندن ملڪ واپسي واري ڪم کي پر امن ۽ احسن طريقي سان مڪمل ڪري سگهجي. اهڙو اظهار هن حيدرآباد ڊويزن ۾ رهندڙ غير رجسٽرڊ افغانين جي سندن ملڪ واپسي جي حوالي سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ڪمشنر حيدرآباد گڏجاڻي کي ٻڌايو ته ان ڪم ۾ نادرا جو ڪردار سڀ کان مک آهي ڇاڪاڻ ته مبينا طور تي افغانين جو وڏو انگ قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائي چڪو آهي تنهنڪري سندن جانچ پڙتال ٿيڻ ضروري آهي. هن نادرا حيدرآباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي ته هو حيدرآباد ۽ ڊويزن جي ٻين ضلعن ۾ نادرا جا خصوصي ڪائونٽرقائم ڪن ته جيئن جيڪڏهن جعلي طريقي سان افغانين قومي شناختي ڪارڊ ٺهرايا آهن ته انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سندن ڪارڊ منسوخ ڪيا وڃن.