فاطمه قتل ڪيس، چئن جوابدارن جي جڊيشل رمانڊ ۾ واڌ

خيرپور /راڻيپور(رپورٽ: شاهد نواز سيال+فياض راڄپر) فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ مک جوابدار پير اسد شاهه سميت 4 جوابدار عدالت ۾ پيش، وڌيڪ 13 ڏينهن جي رمانڊ تي جوابدار جيل ڪسٽڊي ڪرڻ جو حڪم، پيراڻي حويلي اندر مبينا زيادتي ۽ تشدد بعد بيدرديءَ سان قتل ڪيل فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه، پير فياض شاهه، حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي جي 15 ڏينهن وارو رمانڊ مڪمل  ٿيڻ کانپوءِ واقعي جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ جوابدارن کي خيرپور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي جوابدارن جو 14 ڏينهن جو رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي عدالت سندس درخواست کي رد ڪندي جوابدارن کي 13 ڏينهن تي رمانڊ تي جيل ڪسٽڊي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، هوڏانهن اي ٽي سي ڪورٽ پير فياض شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 23 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.