ڪراچي ( رپورٽر ) سردار علي گوهر خان مهر جي ڊي اي کي الوداع ڪري پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي.
سردار علي گوهر مهر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي.
آصف علي زرداري سردار علي گوهر مهر کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.
ان موقعي تي پ پ سنڌ جو ڊپٽي سيڪريٽري ۽ اڳوڻو صوبائي وزير ناصر شاهه به موجود هو.