اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ جي سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ پ پ وارا الزام نه پر پنهنجو پٽڪو ڪري رهيا آهن، قوم کي ٻي ڪا اميد ناهي، نوازشريف کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي.
هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اليڪشن جي تاريخ تڪ بندين کان بغير ڪيئن اچي سگهي ٿي؟ پي ٽي آءِ وارن کي گهٽيا ڳالهين تي شرم اچڻ گهرجي، عمران خان ته گرفتاري نه پيو ڏئي، پي ٽي آءِ وارن تي فوجي گاڏين تي حملا ڪيا.
هن چيو ته لنڊن پلان جون ڳالهيون ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، اسان ڪنهن پراجيڪٽ جو حصو ناهيون،