جسٽس عرفان سادات سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ لاءِ نامزد

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ڪرڻ لاءِ اڄ  جڊيشل ڪميشن جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

نامياري صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس عرفان سادات کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ لاءِ نالو  تجويز ڪيو آهي.

جسٽس عرفان سادات اصل ۾ جسٽس منيب اختر کان سينيئر  هو پر ان وقت جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال سينيارٽي کي نظر انداز ڪري جسٽس  منيب اختر کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرايوهو.

اڄ  امڪان آهي ته جسٽس عرفان سادات کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو ويندو. جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ ميمبر طور جسٽس منيب اختر به شريڪ هوندو.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز جمعو 20 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.