لاهور (عوامي آواز نيوز) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ احتساب عدالت مان نواز شريف جي 24 آڪٽوبر تائين حفاظتي ضمانت ٿيڻ سان اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته چونڊون جنوري ۾ ٿي سگهن ٿيون.
نامياري صحافي امداد سومرو جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي قانوني ٽيم اهي اشارا ڏئي رهي آهي ته نواز شريف کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو هو ان ڪري ڪيس ۽ سزائون جلد ختم ٿي وينديون.
قانوني ماهرن جو خيال آهي ته 30 نومبر تائين نواز شريف جا عدالتي ۽ قانوني معاملا حل ٿي ويندا، نواز شريف باقاعده چونڊ وڙهڻ ۽ مهم هلائڻ جي اهل ٿي ويندو.
صحافي موجب ان جو مطلب آهي ته نواز شريف جا سمورا معاملا طئه ٿي چڪا آهن.
ٻيو مطلب اهو آهي ته عمران خان جو ڊگهو عرصو جيل ۾ رهڻ ۽ چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ به طئه ٿيل معاملن جو حصو آهي، جڏهن ته نواز شريف جي حفاظتي ضمانت ٿيڻ شرط (ن) ليگ ڪارڪنن ۾ ساهه پئجي ويو آهي ۽ مونجهاري مان نڪري آيا آهن.
هاڻي کين سئو سيڪڙو پڪ ٿي وئي آهي ته نواز شريف اچي رهيو آهي ان ڪري سرگرم ٿي ويا آهن ۽ پر جوش به آهن.
نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز جمعو 20 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي