ساڳيو نواز شريف، ساڳيون نيب ۽ عدالتون، رويو تبديل

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  نواز شريف ساڳيو 2018ع وارو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به ساڳي آهي ۽ نيب توڙي احتساب عدالت  به ساڳي آهي پر رويو تبديل آهي.

نامياري صحافي انصار عباسي جو چوڻ آهي ته بدقسمتي سان اسان جو عدالتي نظام اهڙو آهي جو  سمجهه ۾ نٿو اچي ته ساڳيون عدالتون 2018ع ۾ صحيح هيون يا اڄ درست آهن، ڇو ته ساڳين عدالتن جو نواز شريف ڏانهن رويو اڄ  جي ڀيٽ ۾ بلڪل مختلف هيو پر اڄ عدالتن جو رويو نواز شريف ڏانهن  دوستاڻو آهي، جيڪو نظر اچي رهيو آهي.

اهو به نظر اچي رهيو آهي ته نواز شريف مڪمل طور ذهني هم آهنگي سان معاملا طئه ڪري اچي  رهيو آهي. اهو به محسوس ٿي رهيو آهي ته عدالتون نواز شريف کي ٿي سگهي ٿو سمورن ڪيسن مان آجو ڪري ڇڏين. بظاهر سمورو ماحول نواز شريف جي آجيان ڪري رهيو آهي.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز جمعو 20 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.