ڇا نوازشريف مينار پاڪستان واري تقرير ۾ جنرل فيض ۽ جنرل باجوا کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ورجائيندو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) نوازشريف واپس جيل وڃڻ نه پيو چاهي، کيس ضمانت ملي چڪي آهي،ان ضمانت پٺيان 2019ع ۾ جيڪو هن مطالبو ڪيو هو،اهو ڪم ڪري ويو، مخالف چون ٿا ته نوازشريف جيل برداشت نٿو ڪري سگهي.

ناليواري وي لاگر عمران شفقت چيو آهي ته  غلطي باجوا کان ٿي هئي، نوازشريف کان ضمانت ورتي وئي آهي ته هو واپس اچي باجوا کان انتقام نه وٺندو، پرويزمشرف وارو تجربو اڳ ئي ٿي چڪو آهي.

باجوا ٽيون ڀيرو به مدي ۾ واڌ پئي چاهي ، باجوا سان نوازشريف جو رابطو شاهد خاقان عباسي ذريعي ٿيو هو، جنهن بعد ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر کان پريس ڪانفرنس ڪرائي وئي.

هن چيو ته 2019ع جي شروع ۾ ئي اداري کي غلطي جو احساس ٿي ويو هو،هاڻي نوازشريف پوري عزت آبرو سان واپس آندو پيو وڃي، ڪا عدالت هن جي راهه ۾ رڪاوٽ نه پئي وجهي،ڪو رياستي اهلڪار هن جي راهه ۾ رنڊڪ نه پيو وجهي.

خدشو اهو آهي ته نوازشريف واپس اچي عام معافي جو اعلان ڪندو يا سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو؟.

هوڏانهن تجزئي نگار شمع جوڻيجو ٽوئيٽ ڪيو آهي ته ڇا نوازشريف پنهنجي مينار پاڪستان واري تقرير ۾ جنرل فيض ۽ جنرل باجوا کي سزا ڏيڻ جو اهو ئي مطالبو ڪندو جيڪو هن لنڊن ۾ گذريل مهيني ڪيو هو.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز جمعو 20 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.