سياسي محاذ تي هلچل تيز، نيون صف بنديون شروع

لاهور (عوامي آواز نيوز) نواز شريف جي وطن واپسي ۽ سندس حفاظتي ضمانت ٿيڻ بعد سياسي سرگرميون ايندڙ هفتي کان تيز ٿيندي نظر اچي رهيون آهن. ڪجهه اڳوڻا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز  پنهنجن  حامين سميت مسلم ليگ (ن)، استحڪام پاڪستان  پارٽي يا پيپلز پارٽي سميت مختلف  پارٽين ۾ شموليت جو اعلان ڪندا.

  نيون صف بنديون ٿينديون ۽  اهڙا اميدوار جيڪي آزاد حيثيت ۾ چونڊ کٽي سگهن ٿا. اهي چونڊ کٽي پوءِ ڪنهن پارٽي يا اتحاد ۾ وڃڻ  جو فيصلو ڪندا.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته  ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ اڳوڻو ايم اين اي عامر ڊوگر جيڪو شاهه محمود قريشي جي ويجهو رهيو آهي. اهو به سرگرم ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي گروپ جو اجلاس سڏائي ورتو آهي.

چيو وڃي ٿو ته عامر ڊوگر سان 10 کان وڌيڪ ايم اين ايز گروپ  ۾ شامل آهن. جيڪي فيصلو ڪندا ته نواز شريف سان ملاقات ڪري (ن) ليگ ۾ يا آءِ پي پي ۾ شموليت ڪجي يا آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهجي ۽ سوڀارو ٿيڻ  بعد ڪو فيصلو ڪجي. مطلب ته ايندڙ هفتي کان سياسي محاذ گرم ٿيندو نظر اچي رهيو آهي.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز جمعو 20 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.