بنگلاديش خلاف ڪوهلي جي سينچري، امپائر وائيڊ بال ڇو نه ڏنو ۽ قانون ڇا ٿو چئي؟

ورلڊ ڪپ جي 17 ھين ميچ ۾ ڀارت بنگلاديش کي ستن وڪيٽن تان ھارائي ڇڏيو، پر ميچ جي آخر ۾ امپائر طرفان وائيڊ بال نه ڏيڻ وارو فيصلو بحث جو موضوع بڻيل آھي.

ميچ جي 42 هين اوورر ۾ 97 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود ڪوهلي کي سينچري مڪمل ڪرڻ لاءِ صرف ٽي رنسون گهربل هيون پر ڀارت کان رڳو ٻه رنسون پري هو ان دوران بنگلاديشي بالر نسيم احمد پنهنجي اوور جو پهريون بال هلايو جنهن کي ظاهري طور وائيڊ سمجهيو ويو، پر امپائرز ان بال کي وائيڊ قرار نه ڏنو هو.

سوشل ميڊيا تي واهپيدارن جو چوڻ آهي ته امپائر وائيڊ بال نه ڏئي ويرات ڪوهلي جي سينچري پوري ڪرائي پر ڇا واقعي ائين آهي؟ ڇا امپائر رچرڊ ڪيٽلبرو جي وائيڊ نه ڏيڻ جي فيصلي سبب ويرات ڪوهلي کي پنهنجي سينچري مڪمل ڪرڻ جو موقعو مليو.

امپائر وائيڊ بال ڇو نه ڏنو ۽ قانون ڇا ٿو چئي؟

ڪوھليءَ جي سينچري کان اڳ وائيڊ نه ڏيڻ واري فيصلي جو امڪاني تعلق سال 2022ع ۾ ايم سي سي جي ڪرڪيٽ قانون ۾ ڪيل تبديلي سان ٿي سگهي ٿو.

دلچسپ ڳالهه اِھا آھي ته قانون بالرن جي فائدي لاءِ متعارف ڪرايو ويو پر شايد ان معاملي ۾ ھي قانون بيٽر جي فائدي ۾ رھيو.

ان قانون ۾ ڦيرڦار کان اڳ ايم سي سي لاز آف ڪرڪيٽ جي شق 22.1.1 ۾ وائيڊ بابت فيصلو امپائر جي ججمينٽ سان مشروط ھوندو ھو.

پر مارچ 2022ع ۾ ان قانون ۾ معمولي تبديلي ڪري شق 22.1.2 متعارف ڪرائي وئي جنهن تحت امپائر وائيڊ جو فيصلو بيٽر جي پوزيشن جي حساب سان ڏيندو.

ايم سي سي طرفان ھڪ بيان ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ‘ جديد راند ۾ بيٽرز تيزيءَ سان بال ھلڻ کان اڳ پنهنجي پوزيشن تبديل ڪندا آھن ۽ اھا بالر سان ناانصافي ھوندي جيڪڏھن سندس بال کي وائيڊ قرار ڏنو وڃي جيڪو ان جاءِ تان گذري جتي بيٽر پهريان بيٺو ھيو.

ان شق ۾ اھڙي طرح ڦيرڦار ڪئي وئي آھي ته جتي بيٽر بيٺو ھوندو، ان سان وائيڊ جو فيصلو متاثر ٿيندو .

ھاڻي جيڪڏھن ڪوھليءَ واري معاملي جو گهرائي سان جائزو وٺجي ته جڏھن بالر ڊوڙڻ شروع ڪري ٿو ته ڪوھلي بنهه اوپن پوزيشن ۾ اھڙي طرح بيٺو آھي جو سندس فرنٽ فٽ ليگ سائيڊ ڏانهن مُڙي وڃي ۽ ان وقت بال سندس جسم وٽان گذري وڃي ٿو پوءِ جڏھن بال وڪيٽ ڪيپر تائين پهچي ٿو ان دوران به سندس پوزيشن ۾ ھڪ معمولي تبديلي نظر اچي ٿي.

جيڪڏھن ڪوھلي پنهنجي جاءِ تي بيٺو رھي ھا ته بال کيس اچي لڳي ھا، اھڙي صورتحال ۽ نئين قانون جي روشني ۾ امپائر طرفان ان کي بال وائيڊ نه قرار ڏيڻ درست فيصلو ھو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.