ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مُلڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ سون جو في تولو ٻاويهه سئو رُپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک اٺ هزار پنج رُپين جو ٿي ويو آهي.
ڏهه گرام سون 1886 رُپين جي واڌ بعد هڪ لک 78 هزار رُپين کان وڌي ويو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون في اونس ستاويهه ڊالر مهانگو ٿيڻ 1999 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like