يهودين جي مقدس ڏينهن، يوم ڪپور (1973ع جي چوٿين عرب اسرائيل جنگ) کان پنجاهه سال پوءِ، غزه جي پٽي کان ٻه ٽي ميل پري هڪ نخلستان ۾ نووا جشن ملهايو پئي ويو.اسرائيلي ۽غير ملڪي شھري ناچ گانن ۾ مست ھئا جو حماس جي قسام برگيڊ اقصيٰ طوفان برپا ڪري ڇڏيو.260 ماڻهو مارجي ويا، حماس جي اٽڪل 1500 ڪارڪن قبضي ڪيل علائقي جون ناقابل شڪست رڪاوٽون ٽوڙي سموري ڏکڻ اسرائيل جي سرحدي علائقن ۾ داخل ٿيا. اٽڪل 1300 ٻارن، بزرگن، جوانن ۽ سپاهين کي قتل ڪري ڇڏيو. پنجاهه سالن کان پوءِ اهو ٻيو حيران ڪندڙ حملو هو، جنهن اسرائيل جي جديد ترين رياستي حفاظتي واڙ کي ٽوڙي ڇڏيو. ورهايل اسرائيلي حڪومت ۽ سياسي مونجهاري جي ماحول ۾ نتن ياهو جي اتحادي حڪومت اھڙي ته مونجهاري جو شڪار ٿي وئي جو ،سيڪيورٽي کي درپيش خطرن کان بي خبر ٿي وئي، جن جو فائدو گوريلا جي حيران ڪندڙ حملن کي ٿيو ۽ اسرائيل جي قومي دفاع جو تصور ئي ٽٽي ويو. غزه جي ساحلي پٽي 40 ضرب 20 ميلن واري کليل پٽي جي کليل قيد ۾ ڏهاڪن کان
ڦاٿل فلسطينين جي دل ڏاريندڙ لاچاري، اوسلو فلسطي و اسرائيلي امن عمل جي ناڪامي، جنهن تحت مئي 1999ع تائين اسرائيل جي پھلوءَ ۾ واقع فلسطيني رياست (1967 ۾ فتح ڪيل علائقا مان اسرائيل جي واپسي تي) وجود ۾ اچڻو ھو،جي ناڪامي ، ابراهيمي معاهدن تحت لڳاتار عرب ملڪن پاران اسرائيل سان سفارتي لاڳاپن جي بحالي ۽ اسرائيل ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڳالهين جي ڪاميابيءَ جي امڪان ۽ فلسطينين جي خودمختياري جي حق. ، قبضي ڪيل علائقن جي واپسي ۽ فلسطيني رياست جي قيام جي عالمي واعدن جي بي وفائي ان حد تائين پهچي چڪي هئي جو ڪو به ردعمل سامهون اچي پئي سگهيو. حماس جيڪا غزه تي حڪمران ھئي، ان جي مقبوليت ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي رهي هئي ۽ ان هڪ تاريخي ڪاھ جو فيصلو ڪيو.
هي اهو دور هو جڏهن فلسطيني اٿارٽي، فلسطيني محاذ آزادي ۽ صدر محمود عباس جي حڪومت (جنهن کي حماس ڪمزور ڪري ڇڏيو هو) ٻيهر مقبوليت حاصل ڪري رهي هئي. شاندار رٿابندي سان ۽ اسرائيلي انٽيليجنس سروسز کي دوکي ڏيندي، حماس هڪ اهڙي حڪمت عملي جوڙي،جنهن سڄي اسرائيل ۽ اولھ جي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. پر اھا مظلومن طرفان اسرائيلي شهرين تي اهڙي جارحيت هئي، جيڪا پيدا ٿيل جارح اسرائيل کي ڀڙڪائڻ لاءِ بي مثال هئي. پر هن ڀيري مسئلو اهو ٿي ويو آھي ته حماس جي ويڙهاڪن اٽڪل ڏيڍ سئو اسرائيلي شهرين ۽ سپاهين کي يرغمال بڻائي غزه ۾ پناهه گاهن ۾ آڻي مغوي ڪري ڇڏيو آھي.ان اتي اولهھ جو ردعمل اچڻ لازمي ھو ۽ اسرائيل نواز اولھ جي ميڊيا اسرائيل جي مظلوميت ۽ حماس جي مھم جوئي کي خوب مٿي کنيو.
خاص طور تي عام شهرين جي موت تي واويلا ڪئي. آمريڪا ۽ يورپي يونين کليل نموني اسرائيل جي پٺڀرائي ڪري بيھي رھيا ۽ اسرائيل جي دفاع جي حق (جنهن ۾ جارحيت جو حق به شامل آهي؟) جي اهڙي پروپيگنڊا ڪئي جو اسرائيل غزه جي ھلڪڙي پٽي ۾ 23 لک فلسطيني شهرين تي ڇھن ڏينھن ۾ ھڪ ھزار کان وڌيڪ بم ڪيرائي ڇڏيا .جنھن ۾ ھن تحرير تائين 1900 فلسطيني جنھن ۾ 614 ٻار شامل آھن شھيد ٿي ويا ۽ 7696 زخمي ٿي چڪا آھن. هي اهڙو ظلم آهي جيڪو فلسطينين تي اسرائيلي هٿان ڪيترائي ڀيرا ٿي چڪو آهي.ان بعد 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو ويو آهي ته سمورا فلسطيني اتر غزا کي خالي ڪري ڏکڻ غزه ڏانهن لڏپلاڻ ڪري وڃن. ٻي صورت ۾ اسرائيل انھن جي موت جو ذميوار نه هوندو.اسرائيل نيڪالي جي اھا ڌمڪي غزھ ۾ 370 ھزار اسرائيلي فوجين پاران غزھ تي زميني حملي کي آسان ڪرڻ لاءِ ڏني وئي آهي، جيڪو ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿو.
عالمي راءِ عامھ اڳ ۾ ئي حماس کي جارح قرار ڏنو هو ۽ ان جي ناحق شهرين جي موت جي مذمت ڪئي هئي، تنهن ڪري هاڻي اخلاقي مونجهارو اهو آهي ته غزه ۾ عام ماڻهن جي نسل ڪشي کي عالمي انساني حقن ۽ جنگ جي ضابطن موجب ڪيئن روڪيو وڃي. گڏيل قومون جنھن تي مسلم دنيا پاران طعنا ڏنا وڃن ٿا جي سيڪريٽري جنرل
زميني حملن ۽ فلسطيني نيڪالي جي خلاف سخت موقف اختيار ڪيو آھي ۽ انساني الميو کي روڪڻ جي اپيل ڪئي آهي. هاڻي ڏسڻو ھي آهي ته اسرائيلي جنگي ڪابينا ڪھڙو فيصلو ڪري ٿي.جڏهن ته اسرائيلي راءِ عامھ جو وڌيڪ ڌيان اسرائيلي يرغمالين جي محفوظ بازيابي تي آهي. جيڪڏهن زميني حملو ٿيو ته پوءِ انهن مغوين جي زندگي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي.سوال پيدا ٿئي ٿو ته حماس جڏهن هن حملي جي رٿابندي ڪئي ته، ان وٽ غزه جي شهري آبادي کي بچائڻ لاءِ جو ڪهڙو پلان هو؟ ان دوران آمريڪين، عربن ۽ اسرائيلن ۾ مغوين جي آزادي سميت جنگبندي ۽ مسئلي جي سياسي حل ڳولڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي ھوندي. گهٽ ۾ گهٽ حماس 23 لک غزھ جي جي
شھرين جي زندگيءَ کي داءَ تي لڳائي فلسطين جي مسئلي کي عالمي ايجنڊا تي آڻي بيھاريو آھي.
پر ان جنگ جي علائقائي پکڙڻ جو خطرو پڻ وڌي ويو آهي. جيڪڏهن اوسلو معاهدن تي عمل ٿئي ھا ته فلسطينين جو ڏهاڪن کان جاري قتل عام بند ٿي وڃي ها ۽ اسرائيل، عربن ۽ فلسطين گڏوگڏ زندھ رھڻ ۽ زندھ رھڻ ڏيو جي سونهري اصول تي عمل ڪن ھا.
سڀني الھامي دينن جو سلسلو حضرت ابراهيم عليه السلام سان ملي ٿو، توريت، بائبل مقدس ۽ قرآن پاڪ الھامي سلسلي جون ئي ڪڙيون آهن ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن جو علائقائي ماخذ بھ لڳ ڀڳ هڪ ئي علائقو آهي. حضرت اسحاق ۽ سندس فرزند حضرت يعقوب (قرآن 19:49.50) انهن جي پهرين نبين مان آهن. تاريخي طور تي، اسرائيلي پنهنجي مقدس وطن مان بار بار اجاڙيا ويا آھن. ڪڏهن روم، ڪڏهن فارس، ڪڏهن بازنطيني، ڪڏهن بابل، ڪڏهن عربن ۽ ڪڏهن عثمانين ھٿان اھي دبدر ٿيندا رھيا. ايستائين جو نازين جي سامي دشمنيءَ،فسطائيت جي ھٿان لکين يهودين جو هولوڪاسٽ(قتل عام ) ٿيو ۽آخر ڪار 15 مئي 1948ع تي اسرائيل جي رياست قائم ٿي. 1948-1967 جي وچ ۾، اسرائيلي نوآبادياتي آبادڪاري رياست جي توسيع جي نتيجي ۾ اردن جي اولهه ڪناري، غزه، مصر جي سينا وادي ۽ شام جي گولان پھاڙين جي علائقي اسرائيل جي قبضي ۾ اچي ويا. انهن قبضي ڪيل علائقن تي فلسطيني رياست بڻجڻ بدران اسرائيلي آبادگارن اتي پنهنجون آباديون قائم ڪيون.خود يروشلم جيڪو ٽن مذهبن جي مقدس جڳهن جو گهر آهي. عرب اسرائيلي تڪرار جو بنيادي سبب بڻجي ويو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. فلسطين جي آزاديءَ جي ڊگهي جدوجهد ۾ پي ايل او انھن جي نمائندي تنظيم طور اڀري ۽ فلسطيني اٿارٽي قائم ٿي، پر صدر ياسر عرفات جي وفات کان پوءِ فلسطينين کي سيڪيولر ۽ مذهبي بنيادن تي ورهائجڻ جو سلسلو جاري رهيو. حماس پڻ اخوان المسلمين جي اثر هيٺ هڪ ويڙهاڪ تنظيم طور اڀري. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته الاقصيٰ جي طوفان کان پوءِ غزه کي اسرائيلين جي هٿان مٽايو ٿو وڃي يا فلسطينين کي سينا جي صحرا ۾ غرق ڪيو وڃي ٿو يا ٻه رياستي حل طرف ڪا اڳڀرائي ٿئي ٿي؟
اب قاتل جاں چارہ گرِکلفتِ غم ہے
گلزار ارم پر توِ صحرائے عدم ہے