ڪراچي ۾ محافظ به غير محفوظ، ڏوهاري پوليس آفيسر جي گاڏي ڪاهي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪار لفٽرز پوليس کي ئي چئلينج ڏئي ڇڏيو، ڪار لفٽر اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ آف پوليس جي ڪار ئي ڪاهي ويا.
ڪراچي ۾ پوليس به ڏوهارين اڳيان بي وس ٿي وئي، جوابدار محافظن جي سرڪاري گاڏي ئي ڪاهي ويا.
ڪار لفٽر اي ايس پي جي گهر ٻاهران بيٺل ڪاري رنگ جي پوليس جي نمبر جي گاڏي ڪاهي ويا.
پوليس ڪار نمبر 215-SPA عورت اي ايس پي ماجده کي الاٽ هئي، واقعو گذريل رات پيش آيو.
گذري پوليس ۽ اي وي ايل سي گاڏي جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.