مٺياڻي نه رڳو ماضي جو شاهڪار شهر رهيو پر علم، ادب، سياست ۽ ٻين کوڙ سارين شين جي حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۔ مٺياڻي شھر جي ماضي تي جڏهن به اسان لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي يا لکڻ چاهيو آهي ته اسان کي ماضي جي ڀيٽ ۾ حال جون حالتون ڏسندي درد تڙپايو آهي ۔ هن جو ڪو وڏو سبب ته نه آهي پر اسان جي شھر جي پنهنجن جي جي بي حسي ۽ شھر جي مالڪي نه ڪرڻ جھڙا ڪارناما ان سڄي وارتا جي مجرماڻي قصي ۾ اهم ڪردار اسان جي سامهون ٿنڀ بڻجي آيا آهن ۔
2010ع واري مھا ٻوڏ سڄي شھر کي نقصان رسايو ۔ اتي اسڪول به تمام گهڻا متاثر ٿيا ان شھر جي سوا صدي کان وڌيڪ تاريخي حيثيت رکندڙ پي سي اسڪول ڊھي پٽ پئجي. هاڻي نقشي تان به ختم ٿيندي نظر پيو اچي ۔ اهو اسڪول جيڪو 1886 ۾ هندو ڪميونٽي طرفان جوڙايل پي سي اسڪول مٺياڻي جي نالي سان جنهن جو افتتاح ان وقت جي انگريز ڪليڪٽر ڪيو هو جيڪو 134 سالا قديمي اسڪول آهي جيڪو مٺياڻي جي تاريخ جو انمول درسگاهه تعليم جو ڳڙهه رهيو آهي جتان هزارين شاگرد تعليم يافته ٿي اعليٰ عھدن تي فائز ٿي خدمتون سرانجام ڏنيون، پي سي اسڪول جيڪو تاريخي شهر مٺياڻي ۾ واقع هاڻوڪي وقت ۾ شهر جي مرڪز ۾ آهي هن وقت جنهن جي حالت تمام خراب آهي پر 1886 ۾ جڏهن هي اسڪول ٺھي راس ٿيو هو ان وقت اها عمارت ڏسڻ وٽان هئي جنهن جا عاليشان ڪمرا هال ۽ اسڪول جي ميدان ۾ سرسبز باغيچو جيڪو سونهن جو مرڪز هو،
ان وقت سڄي سنڌ توڙي هند جي حدن کان ايندڙ شاگرد توڙي استاد جڏهن مٺياڻي جي ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ ايندا هئا ته سندن پڙهائڻ جي مشق پريڪٽس (Practice) پي سي اسڪول ۾ ڪرائي ويندي هوندي پر 2010 واري مھا ٻوڏ ۾ پي سي اسڪول جي عمارت مڪمل ڊهي پئي ۔ پر 13 سالن جو ڊگهو عرصو گذري وڃڻ باوجود هن تاريخي اسڪول جي عمارت مرمت نه سگهي آهي ۔ جڏهن ته 2017 ۾ ھن اسڪول جي نئين سر عمارت منظور ڪرائي ته وئي پر ٺيڪيدار ٺيڪو کڻي رقم هڙپ ڪري ويو جنهنڪري هن وقت تائين عمارت ٺهي نه سگهي آهي ۽ تعليم جي جوت جڳائڻ وارو خواب مٽي جو ڍير ٿيندي نظر پيو اچي ۔ مجال جو ڪو هيڏانهن ڪامورو نظر ڦيرائي ۔
جڏهن ته اسڪول جي چوديواري پٽ پوڻ ڪري تعليمي درسگاھ منشيات فروشن ، نشائين ، موالين جو ڳڙ بڻجي ويو آهي ۔ اهو به ياد رهي هن درسگاھ اندران جتان سٺا سٺا شاگرد تيار ٿي نڪرندا هئا ۔ اتا اڄ موالين جا لاشا پيا نڪرن ۽ اهو به ياد رهي ته هي پي سي اسڪول پوليس اسٽيشن مٺياڻي جي ڪجهھ مفاصلي تي آهي پر افسوس ۔۔۔۔! جو پوليس انهن منشيات واپرائيندڙن کي ڪجهھ چوي ۔ ۔۔ مان ته ايئن چوندس شايد انهن منشيات وڪرو ڪندڙن کان ڀتو وٺندي هجي ۔تڏهن شايد خاموش آ ۔
اهو به ياد رهي ته پي سي اسڪول جو ڊهي پوڻ کانپوءِ مٺياڻي واسين ۔ يوٿ ڪاميٽي سميت مختلف تنظيمن مسلسل مظاهرا ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائي شڪايتون ته ڪيون پر افسوس جو هن مهل تائين اعلى عملدارن توڙي ڪنهن ڪاموري ، اسڪول ٺھرائڻ ته 100 ڪوھ پري جي ڳالھه پر نوٽيس وٺڻ جي به زحمت نه ڪئي آهي ۔ معاشري جي شعور ، ترقي ، خوشحالي ، عظمت جو دارومدار تعليم تي هوندو آهي پر حڪومتي غلط پاليسين سبب تعليم کي ڌڪي تباهي ڪناري پهچايو ويو آهي ۔
مٺياڻي شھر جي سڄاڻ ڌرين ڪامريڊ حبيب الله مشوري ۔ فياض احمد شيخ ۔ معراج سنڌي ۔ رحمان سولنگي ۔ تنوير علي ملڪ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته تاريخي شين کي ڪڏهن به وساربو بلڪه ميسارجڻ ناهي ڏبو ۔ ٻيو ته هي تعليمي درسگاھ آهي ۔ جتان سٺا شاگرد تيار ٿي استاد ، ڊاڪٽر ، انجنيئر ، وزير اعلى ۽ وزيراعظم جي اعلى عھدن تي فائز ٿين ٿا ۔ علم هڪ اهڙو هٿيار آهي ۔ جنهن کي حاصل ڪرڻ سان سڄي دنيا کي فتح ڪري سگهجي ٿو ۔ جنهنڪري تعليم کي پوري دنيا ۾ تمام گهڻي اوليت ڏني وڃي ٿي ۽ سڄي دنيا پنهنجي تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ جوڳا انتظام ڪيا آهن ۔ تنهنڪري سڄي دنيا ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن بهتر ٿيندو پيو وڃي ۔ ان سبب ڪري ئي دنيا تيزي سان ترقي طرف وڌندي پئي وڃي ۔ دنيا ۾ هن وقت تعليم جو نظام بهتر کان بهتر ٿيندو پيو وڃي ۔
ھي ايڪويهين صدي جيڪا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي صدي آھي، جيڪا جديد علمن جي صدي آھي جنھن ۾ باقي دنيا تي نظر ٿي ڦيرائجي ته عقل کي چرخ ڪندڙ سائنسي ڪارناما ڏسي ماڻھو حيران ٿيو وڃي. سائنس، ٽيڪنالاجي، علم ۾ دنيا ترقي جا پيمانا طئي ڪري ھر شئي انسان جي اڳيان اچي رکي آھي. صحيح معنيٰ ۾ ھي سخت مقابلي جي صدي آھي, جنھن جي ڊوڙ ۾ صرف اھي ئي ڪامياب ٿي سگھندا، جيڪي ھن ايڪويهين صدي جي چيلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي سگهھ رکندا ھجن. اڄ جو دؤر جنھن ۾ انسان چنڊ کي لتاڙي ھاڻي مريخ ۽ ھن ڪائنات جي ٻين سيارن تي زندگي بسر ڪرڻ جا سانباها ڪرڻ جي جتن ۾ مگن آھي، اتي جديد دنيا بمقابلا سنڌ تي جڏھن نظر ٿي ڦيرائجي ته پوءِ جتي اسين جن سائنسي ڪارنامن تي جيترو فخر ڪريون ٿا، ھيڏانھن جي انڌير نگري تي اوترو ئي افسوس ۽ شرمندگي محسوس ٿي ٿئي!
ھونئن ته سنڌي ۾ ھڪ چوڻي ”سڄو ملڪ ئي ماتلي لڳو پيو آھي“ وانگر اسان جي تعليم جو ھٿرادو سڄو ٻيڙو ئي غرق ڪيو ويو آھي. جنھن ۾ بنيادي تعليمي سھولتن جي کوٽ، ڪاپي ڪلچر، اعليٰ تعليمي ادارن اندر ڪوڙن ۽ بوگس ڊوميسائيلن ذريعي ٻين صوبن جي شاگردن کي داخلائون ڏيئي سنڌي شاگردن کي پٺتي ڌڪڻ، ادارن اندر ڪرپشن ۽ پنھنجا نوازي جي ڀرمار، مافيا سسٽم، تعليمي ادارن اندر نياڻين کي هراسان ڪرڻ، شاگردن جي ذھنن کي مُڏو ڪرڻ، مذھبي انتھا پسندي ۽ قتل عام سميت ڪيترائي ھٿڪنڊا استعمال ڪري سنڌ جي تباھ حال تعليمي صورتحال کي ويتر تباھي ڪناري پھچائڻ جي ڪوشش ڪري سنڌ جي ٻهراڙي جي اسڪولن کي بلڪل ختم ڪيو ويو آھي ۔ جنھن سبب تعليم بھ ختم ٿيندي پئي وڃي ۔
اھي تمام سنجيدا سوال آھن، جن تي اسان مان ھر ھڪ کي سوچڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته اڄ جو دؤر جيڪو جديد علمن جو دور آھي، اڄ جو دور تيز رفتار، سائنسي ٽيڪنالاجي ۽ ايڊوانسڊ علمن جو دور آھي. پر ڏاڍي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسين اڄ جي دور ۾ به تاريخ جي انتھائي بدترين دور مان لنگھي رھيا آھيون. جتي ھر طرف انڌ انڌوڪار لڳي پئي آھي، يا انڌوڪار پيدا ڪئي وئي آھي! سنڌ جي ٻھراڙين اندر اڄ به ڪيترائي اسڪول بند آھن ۽ ڪٿي ته اسڪول ئي ناھن. جي ڪٿي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ زبون حال اسڪول آھي به ته اھو پرائمري تائين جنھن ۾ ھڪ ڪلاس ھڪ استاد وارو سسٽم موجود آھي، جنھن سبب سنڌ جا ھزارين غريب مائٽ پنھنجي کي پنجن ڪلاسن کان مٿي پڙھائڻ کان قاصر آھن، ڇو ته سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ڳوٺن کان پري ھجڻ ڪري ھڪ پورھيت ماءُ پيءُ معاشي طرح به ۽ روايتي طرح به ھٿ پير ھڻي به جيڪڏھن پنھنجي ٻارن مان ڪنھن کي اڳتي پڙھائڻ جي جرئت ڪن ٿا ته هڪ غربت ۽ ٻيو اعلى درجي جا اسڪول نه هجڻ ڪري اتي جو اتي رهجي وڃن ٿا ۔
سو اسان حڪومت ۽ تعليم کاتي کان مطالبو ٿا ڪريو ته نوٽيس وٺي پي سي اسڪول سميت سڀئي بند پيل اسڪولن کي نقشي تان ختم ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ انھن کي فعال ڪيو وڃي ته جيئن معصوم گلڙن جھڙا ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم نه ٿي سگهن ۔