ملڪ ۾ جمهوريت جو وجود گذريل 75 سالن کان ناڪام ويو آهي ان جو سبب جمهوريت مٿان آمريت آهي يا جمهوريت جي آڙ ۾ ايندڙ حڪمراني آهي اها ڳالهه ته ڪنهن کان به لڪيل ناهي رهي ته انهن ٻنهيءَ ڌرين جي ڪري ملڪ غربت واري دلدل ۾ هليو ويو آهي اتي ان ڳالهه کي به ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي ته ملڪ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي عمران خان جي حڪومت تائين جيڪا حڪمراني جي روش رهي آهي، ان ۾ هميشه ٽئين ڌر جون ملوث هجڻ جون نشانيون به آڏو آيون آهن چيو ويندو آهي ته ان مٿان آمريڪا جي آشيرواد به هوندي آهي پر مان ٿو چوان ته صرف ان ڌر مٿان نه پر هتي سياسي ڌرين جي ملڪ تي حڪمراني ۾ به آمريڪا جي مداخلت هوندي آهي آمريڪا کان سواءِ پاڪستان ۾ ڪا به سياسي پارٽي يا ڪا ٻي سگهاري ڌر ملڪ ۾ اقتداد حاصل ناهي ڪندي اهڙيون دعوائون مٿي ويٺل صحافين، رٽائرڊ جنرلن، ججن ۽ سياسي اڳواڻن به ڪندا رهندا آهن مقصد ته اسان آمريڪا جي اشارن ۽ حڪمن تحت هلندا آهيون.
هاڻي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن واقعي اسان کي آمريڪا هلائي رهيو آهي ته پوءِ اهو اسان جي لاءِ هڪ وڏو عمليو هوندو ٻيو اهو ته اسان هڪ آزاد رياست طور وجود ۾ آيا آهيون جيڪڏهن اسان جي رياست ۾ آمريڪا جي سڌي مداخلت آهي ته اهو اسان جي ملڪ جي وجود لاءِ هڪ خطرناڪ عمل آهي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اسان آمريڪا جي غلامي ۾ايئن جڪڙيا رهياسين ته پوءِ اسان جي ملڪ جو ڇا ٿيندو؟هن وقت اسان جو ملڪ غربت جي هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ وڃي ڦاٿو آهي جتان نڪرڻ ڏاڍو مشڪل نه پر ناممڪن نظر اچي رهيو آهي ان جو وڏو سبب ملڪ ۾ ڪرپشن آهي،سياستدانن، جنرلن، واپارين،ڪامورا شاهين کان وٺي ججن ۽ احتساب ڪندڙ ادارن ۾ڪرپشن جي بازار سرگرم عمل آهي،هيٺين سطح جي سرڪاري ملازم کان وٺي وڏي آفيسر کي به پيسي جي لالچ انڌو ڪري ڇڏيو آهي ايئن پيو لڳي ڄڻ ڪنهن کي به ملڪ جي فڪر ناهي سڀڪو وتي ٿو پنهنجا معاملا سڌا ڪندو ڪير ڪنهن کان پڇڻ وارو ناهي.
جيتوڻيڪ ڪرپشن واري مرض سڄي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي اتي سنڌ ۾ جيڪا ڪرپشن ٿي آهي اها تاريخ جي ورقن ۾ به نٿي ماپي سگهجي، محترمه شهيد کان وٺي نواز شريف جي دور ۾ به ڪرپشن ٿي پر اها روپئي مان هڪ آنو ٿي ۽ ٽي آنا ملڪ تي خرچ ٿيندي رهي، جنهن ڪري اها ڪرپشن ٿيندي به ڪنهن کي نظر نه آئي، چون ٿا ته ملڪ ۾ڪرپشن جي بازار 97ع نواز شريف جي دور کان لڳي ۽ ويتر مشرف دور ۾ وڌي ڇو ته مشرف پنهنجي آمريت کي هلائڻ لاءِ ملڪ ۾ هروڀرو جي سياسي جماعتن کي کلي عام ڇڏي ڏنو هو. اهڙي طرح سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن کي آزادي حاصل هئي ۽ ايم ڪيو ايم لنڊن 2000ع کان 2008 تائين سنڌ جي وسيلن تي قابض رهي ۽ انهن وسيلن کي لٽيندي رهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سنڌ جي سرڪاري فنڊن وارو پيسو ڊالر ۾ تبديل ڪري لنڊن ۾ هڪ اهم ماڻهو تائين پهچائيندي رهي ۽ قدرت جي ڪمال سان اها جماعت پنهنجي انجام تائين پهتي ۽ 2008 کان 2023 تائين وري پيپلزپارٽي جي سرڪار سنڌ ۾ آئي جنهن به ايم ڪيو ايم لنڊن جي روش کي برقرار رکندي، سنڌ جي وسيلن کي ڀرپور لٽيو، ڪو ادارو ناهي بچيل جتي ڪرپشن جا قصا اخبارن ۾ نه ڇپيا هجن.
پ پ سرڪار ۾ موٽر سائيڪل تي شامل ٿيندڙ اڳواڻ مهينن اندر ڪروڙن جي گاڏين تي گهمندي ڏٺاسين ۽ عاليشانن بنگلن ۾ رهندي ڏٺاسين اتي سياسي چالاڪن کي سنڌ جو پيسو ڊالرن ۽ ريالن ۾ تبديل ڪري دبئي ۽ لنڊن کڻندي ٻڌوسين، مقصد ته ملڪ کي صرف پ پ نه پر ن ليگ،ق ليگ پي ٽي آءِ سميت سياسي پارٽين جي اڳواڻن جن کي به موقعو مليو، انهن کي ڪرپشن جا ريڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن اتي اسان جي ججن، جنرلن، واپارين ۽ سول سوسائيٽين جي اڳواڻن به ڪرپشن جي وهندڙ گنگا مان پنهنجا هٿ صاف ڪيا آهن.
تازو سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ايڊيشنل سيڪريٽري بجيٽ تنوير بٽ ٻڌايو ته نيب جيڪا حقيقي رقم وصول ڪري وفاق جي ڪنسوليڊيٽيڊ فنڊ ۾ جمع ڪرائي آهي، اها 6.5 ارب رپيا آهي جن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي دور ۾ 2018-19 کان سيپٽمبر 2021 تائين صرف 1.4 بلين رپيا يا مجموعي وصولين جو 21.5 سيڪڙو هئا جمع ڪرايا ويا جڏهن ته نيب تازو دعويٰ ڪئي هئي ته هن گذريل ٽن سالن دوران بدعنوان عناصر کان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح 535 ارب رپيا وصول ڪيا آهن پر اهڙيون دعوائون پارليامينٽ جي آڏو ناڻي واري وزارت پاران جمع ڪرايل دستاويزن جي روشنيءَ ۾ غلط ثابت ٿيون آهن.ناڻي واري کاتي جي رپورٽ موجب 1999ع کان وٺي سڀ کان وڌيڪ اوڳاڙيل رقم مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 14-2013 کان 18-2017ع جي دور ۾ هئي، جڏهن اينٽي ڪرپشن باڊي 3.93 بلين رپيا يا لڳ ڀڳ 61 سيڪڙو رقم اوڳاڙي ڪري بنڪ ۾ جمع ڪرائي هئي،اسٽينڊنگ ڪميٽي آڏو پيش ڪيل رڪارڊ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته رڳو جنرل مشرف دور ۾ 368 ملين رپيا وصول ڪيا ويا، اهي به مشرف دور جي ٻن سالن دوران، پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ وصول ڪيل رقم 771 ملين رپيا هئي يا مجموعي وصولين جو 12 سيڪڙو بڻجي ٿي جڏهن ته نيب پاران ڪيل وصولين جون رسيدون اڪائونٽ C03850 – نيب جي اوڳاڙي تحت جمع ڪرايون وينديون آهن ۽ وصوليون هن هيڊ آف اڪائونٽ تحت جمع ڪيون وينديون آهن بنا ڪنهن ٻي ورڇ جي ناڻي واري وزارت طرفان باڊي آڏو جمع ڪرايل لکت واري بيان ۾ چيو ويو آهي ته فنانس ڊويزن هن مختصر تياري دوران وفاقي سول اڪائونٽ رپورٽ تي انحصار ڪيو، جيڪا وفاقي حڪومت جي اڪائونٽ نمبر 1 ۾ اصل وصولين جي حوالي سان مستند آهي، جڏهن ته فنانس ڊويزن جي انڪوائري تي نيب 821.5 بلين رپين جا تفصيل شيئر ڪيا پر اسان کي خبر ناهي ته اها رقم ڪٿي آهي ۽ اها رقم وفاق جي ڪنسوليڊيٽيڊ فنڊ ۾ جمع ناهي ڪئي وئي ملڪ ۾ جيڪڏهن احتساب جا ادارا پاڻ ايڏي ويڌن ڪن ته باقي ٻيو ڇا رهيو.
ملڪ ۾ ڪرپشن جي سڌ پوڻ تي پرويز مشرف هڪ احتساب ڪندڙ ادارو نيب قائم ڪيو، جنهن جو ڪم ملڪ جي دولت لٽيندڙن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ اهو پيسو واپس ڪرڻ هو، پر نيب پنهنجي وقت جي حساب سان ڪرپشن ڪندڙن جو احتساب ڪندي ڪندي، ان ڪرپشن ۾ پاڻ به شامل ٿي وئي ۽ ڪرپٽ ماڻهن کان پيسا وٺي انهن کي ڪليئر هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيندي رهي. طاقتور ڌرين جي آشيرواد سان ملڪ جي اهم ڪرپٽ ماڻهن ۾ هٿ وجهڻ کان پاسو ڪيو. جيڪڏهن چئجي ته نيب جو سنڌ اندر احتساب جو ڪردار مشڪوڪ آهي ته ان ۾ ڪو به شق ناهي، اهو اوهان ان مان ثابت ڪري سگهو ٿا ته نيب ۾ ويٺل ڪامورا جيڪي نيب ۾ ڀرتي ٿيڻ کان اڳ مالي طور تي ڪهڙي پوزيشن ۾ هئا ۽ هاڻي انهن وٽ ڪيتري ملڪيت آهي، تنهن مان اندازو لڳائي سگهو ٿا اسان اڪثر ٻڌندا آهيون ته نيب سان ڏي وٺ ڪري فلاڻو آفيسر يا سياست دان پنهنجي جان آجي ڪرائي ڇڏي، منهنجي ڪراچي ۾ اٽڪل 12 سال جي تحقيقاتي صحافت جي دوران مون اڪثر وڏن ڪامورن کي پاڻ کي نيب وٽان پيسن جي ڏيتي ليتي ڪندي ٻڌو آهي، ڪيترائي آفيسر آهن جيڪي نيب جي حراست ۾ رهي ڪري به ساڳئي عهدن تي اچي ويٺا آهن، اتي نيب ۾ سمورا هڪ جهڙا آفيسر به ناهن پر سئو مان 90 سيڪڙو نيب اندر ويٺل آفيسر ڪرپٽ ترين آهن.
مون اهو به ڏٺو آهي ته جنهن به اداري جي نيب جانچ ڪندي آهي ان اداري ۾ نيب جا پنهنجا عزيز ماڻهو ڀرتي ڪيل آهن ڪجهه ادارن ۾ مون پاڻ اهڙن نيب جي آفيسرن جي عزيزن جي موجودگي جو انڪشاف ڪيو آهي جن کي نيب جي عملدارن پنهنجي غير قانوني طاقت سان غير قانوني طور تي نوڪرين ۾ رکرايو آهي جيڪڏهن انهن آفيسرن جي جاچ ڪئي وڃي ته اهي سمورا آفيسرن سامهون اچي سگهن ٿا پر هتي پٽي ڀائي جو پٽي ڀائي هوندو آهي تنهن لاءِ نيب جي اهڙن ڪردارن کي وائکو ڪرڻ لاءِ هر صوبي ۾ جي آءِ ٽي ٽيم جوڙي انهن جي ملڪتين جي جاچ ڪئي وڃي ته کير مان پاڻي ضرور نڪري ايندو.
هن وقت نگران حڪومت ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي اهو ملڪ جي مفادن ۽ عوام جي ڀلي لاءِ ئي ڪري رهي آهي عوام ۾ نگران حڪومت جي هوندي هڪ اميد جاڳي آهي اها اميد ڪرپشن جي خاتمي جي آهي ڇو ته ڪرپشن ئي ملڪ جا ٻيڙا غرق ڪيا آهن، هن وقت جيڪو ڪرپشن جي خاتمي جا ڪم هن نگران حڪومت ۾ ٿي سگهن ٿا اهي سياسي حڪومتن ۾ ڪڏهن به نه ٿيندا ان ڪري سگهارين ڌرين کي گهرجي ته تڪڙا فيصلا ڪري ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو آڻن ان لاءِ ڪنهن به سياسي، عسڪري، يا ڪنهن به اثر رسوخ واري ماڻهو جي نه ٻڌي وڃي بس ملڪ جي خاطر هڪ سوچ ۽ هڪ ارادي تحت ڪرپٽ ماڻهن خلاف گهيرو تنگ ڪري لٽيل دولت واپس ڪرائي وڃي ۽ سڀ کان اڳ نيب ، اينٽي ڪرپشن ، ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن ۾ويٺل پراڻن آفيسرن سان گڏ سگهاري ڌريون احتساب واري عمل ۾ پاڻ کي ملوث ڪن ته جيئن ڪنهن به آفيسر کي ڪرپشن جو موقعو نه ملي سگهي ۽ ڪرپشن ڪندڙ خلاف اسرائتو قدم کڻندي جيترو جلدي ٿي سگهي ان کان غير قانوني پيسو حاصل ڪجي ۽ ان پيسي کي ملڪ جي ڀلائي ۽ ترقي وارن منصوبن تي خرچ ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ معاشي طور تي مضبوط ٿئي ۽ غربت ۾ جڪڙيل عوام کي سهارو ملي سگهي.