حڪمرانن کي تقريرن سان نه پر ”ڪارڪردگي“ سان مقابلو ڪرڻ گهرجي

ملڪن ۽ قومن جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جو دارومدار رڳو وسيلن، قدرتي ذخيري يا جاگرافيائي اهميت تي نه هوندو آهي، پر انهيءَ ڳالهه تي هوندو آهي ته انهن وسيلن کي هلائڻ ۽ استعمال ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪيتري قدر ايماندار، منظم ۽ عوام دوست آهي. تاريخ شاهد آهي ته قومون تڏهن ئي اڳتي وڌن ٿيون، جڏهن انهن کي اهڙي قيادت ملي ٿي، جيڪا عوام کي رڳو ووٽ جو وسيلو نه پر هڪ ذميواري سمجهي، ۽ حڪمرانيءَ کي ذاتي مفادن بدران قومي بهبود لاءِ استعمال ڪري.

ڪنهن به آئيڊيل حڪومت جو بنيادي تصور اهو هجڻ گهرجي ته "اقتدار عوام جو آهي، ۽ حڪمران انهن جا خادم آهن.” حڪومت کي نه رڳو قانون موجب پر اخلاقي طور به عوام جي خدمتگار هجڻ گهرجي. اها اقتدار کي مراعت نه، پر ذميواري سمجهي. هر فيصلي ۾ عوام جي فلاح، بهتري ۽ ضرورتن کي اوليت ڏني وڃي. پاليسيون عوام سان مشورو ڪري جوڙيون وڃن، سندن نبض تي هٿ رکي فيصلا ڪيا وڃن،

آئڊيل حڪومت ۾ سڀ ماڻهو قانون آڏو برابر هوندا. وزير، مشير، سرڪاري ملازم يا عام شهري ڪنهن لاءِ به قانون کان مٿانهون هجڻ جو تصور نه هوندو. عدليه آزاد، بي خوف ۽ غير جانبدار هجڻ گهرجي، جيڪا ڪرپشن، ظلم، سياسي مداخلت ۽ ناانصافيءَ کي بي نقاب ڪري. انصاف جي فراهمي لاءِ پوليس، جاچ اداري، نيب، ۽ ٻين احتسابي ادارن کي سياسي مداخلت کان آزاد ۽ بااختيار بڻايو وڃي. عوام جو اعتماد تڏهن بحال ٿيندو، جڏهن ڏسڻ ۾ ايندو ته قانون واقعي طاقتور تي به لاڳو ٿئي ٿو، نه صرف ڪمزور تي.

ڪو به ملڪ تڏهن ئي حقيقي ترقي ڪندو آهي جڏهن تعليم ۽ صحت کي اوليت ڏني ويندي. مثالي حڪومت ۾ تعليم سرڪاري سطح تي مفت، معياري ۽ سڀني لاءِ رسائي لائق هوندي. اسڪولن جي حالتن کي بهتر بڻايو ويندو، استاد تربيت يافته هوندا، ۽ درسي مواد جديد ۽ مقامي ضرورتن مطابق هوندو. صحت جي سهولتن ۾ سڀني لاءِ علاج جي برابري، دوائن جي دستيابي، ايمرجنسي سروس، ۽ ضلعي سطح تي اسپتالن جي بهتر حالت شامل آهي. جيڪڏهن حڪومت ان ٻن شعبن تي ايمانداريءَ سان ڪم ڪري، ته قوم پاڻمرادو خوشحال ۽ باوقار بڻجي وڃي ٿي.

 مثالي حڪومت لاءِ ضروري آهي ته اها قوم کي قرضن ۽ ٻاهرين مدد تي انحصار کان آزاد ڪري. صنعت، زراعت، واپار ۽ ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏئي، ته جيئن ملڪ جي آمدني وڌي. روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ نوان منصوبا آندا وڃن نوجوانن لاءِ ڪاروباري قرض، فني تربيت ۽ هُنرمنديءَ جا ادارا قائم ڪيا وڃن. ٻاهرين سيڙپڪاري آڻڻ سان گڏوگڏ، مقامي ڪاروبارين جي تحفظ لاءِ پاليسيون جوڙيون وڃن. آئيڊيل حڪومت هر شهري کي روزگار فراهم ڪرڻ جي ذميواري نڀائي. سو ڪو به نظام تيستائين نه ٿو هلي سگهي جيستائين ان ۾ ايمانداري نه هجي. مثالي حڪومت ڪرپشن کي ناسور سمجهي، ۽ ان جي خلاف حقيقي قدم کڻي. سرڪاري خريداري، ٺيڪيداري، ڀرتين، ۽ فنڊز جي استعمال ۾ مڪمل شفافيت هجي. ڪرپٽ آفيسرن، وزيرن يا بيوروڪريٽس خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ٿئي.

هر سال حڪومت پنهنجو حساب عوام آڏو پيش ڪري. هڪ سچو عوامي نمائندو اهو آهي، جيڪو چونڊيل ٿيڻ بعد به پاڻ کي احتساب جي دائري اندر سمجهي. آئيڊيل حڪومت ڪڏهن به عوام کان لاتعلق نه ٿيندي آهي. اها عوام سان سڌي رابطي کي اهميت ڏيندي آهي. وزير، وزيراعظم، ۽ سرڪاري ادارا باقاعده رپورٽ پيش ڪندا ته ڇا ڪم ٿيو، ڪيترو ٿيو، ۽ ڇو ٿيو. هفتي وارا عوامي دربار، موبائيل ايپليڪيشن، شڪايتن جا پورٽل، ۽ سوشل ميڊيا تي فعال موجودگي هڪ عوامي حڪومت جي سڃاڻپ هوندي آهي. ٻيو ته هر شهري کي محسوس ٿيڻ کپي ته سندس آواز ٻڌو پيو وڃي، ۽ ان تي عمل به پيو ٿئي.جمهوري رويي جو مطلب رڳو چونڊن جو نعرو ناهي، پر اختلافِ راءِ کي برداشت ڪرڻ، صحافت جي آزادي، ۽ ادارن جي آزادي به ان جو حصو آهن. مثالي حڪومت تنقيد کان ڊڄندي ناهي، بلڪه ان مان سکندي آهي.

آئيڊيل حڪومت رڳو اڄ لاءِ نه، پر ايندڙ نسلن لاءِ به سوچيندي آهي. اها تعليم سان گڏ ثقافت، ٻولي ۽ تاريخ جي تحفظ لاءِ به ڪم ڪندي آهي. ماحولياتي تحفظ، پاڻيءَ جي بچاءَ، جنگلات، ۽ صاف توانائي تي ڌيان ڏيندي آهي. هڪ عوامي حڪومت صرف روڊن يا پلن تي ڪم نه ڪندي، پر سوچ، شعور ۽ سڃاڻپ جي به تعمير ڪندي آهي. نتيجي طور عوامي حڪومت رڳو نالي جي نه، عمل جي گهرج آهي

سنڌ، پاڪستان، ۽ دنيا جي ٻين پسمانده علائقن لاءِ اها ڳالهه تمام اهم آهي ته رڳو چونڊن سان جمهوري حڪمراني قائم ناهي ٿيندي پر عوامي حڪومت اها هوندي آهي جيڪا جوابده هجي، ايماندار هجي، عوام سان ڳنڍيل هجي ڪم ڪندڙ هجي احتساب کان مٿانهين نه هجي

عوام کي به هاڻ اها خبر پئجي چُڪي آهي ته بيانن، نعرن ۽ رنگين واعدن سان زندگي نٿي بدلجي. حقيقت اهو آهي ته جيڪو حڪمران تعليم ڏئي، روزگار آڻي، انصاف فراهم ڪري، صحت ڏئي، ڪرپشن ختم ڪري، ۽ عوام سان سچ ڳالهائي   اها ئي حقيقي عوامي حڪومت آهي. آخر ۾ اهو چونداسين ته عوام کي حڪومتي وزيرن جي تقريرن ۽ بيان بازي واري مقابلي بدران حڪومتي ڪارڪردگي سان مقابلي جي گهرج آهي. ڪوشش ڪريو ته هڪٻئي جي ڪارڪردگي سان مقابلو ڪريو بيان بازي ۽ تقريرن سان نه ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.