غزا ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف جماعت اسلامي جا سنڌ ۾ مظاهرا

 ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا) غزا ۾ اسرائيلي جارحيت کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمٰن جي اپيل تي سنڌ ۾ به ڪراچيءَ کان ڪشمور فلسطيني عوام سان ايڪتا جو ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو. ان سلسلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد ، سکر، ميرپورخاص، ڪنڌڪوٽ، سجاول جوڻيجو، جيڪب آباد، مدئجي ، ٽنڊوآدم ، محرابپور ۽ ٽنڊوالهيار ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ مظلوم فلسطينين جي حق ۾ احتجاجي مظاهرا ريليون ۽ مارچ ڪيا ويا جن کي جماعت اسلامي جي مرڪزي صوبائي توڙي مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو. سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ لاڙڪاڻي ۾ ٻارن جي مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل غزہ ۾ ظلم ۽ بربريت جي انتھا ڪري ڇڏي آھي. ٻه رياستي حل ڌرتيءَ ڌڻين کي بي دخل ڪرڻ جي برابر آھي. فلسطين صرف فلسطينين جو آھي. آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ نيتن ياھو جو نبين جي سرزمين تي قبضي ۽ يھودين جي وچ اوڀر تي بالادستي جو خواب ڪڏھن پورو نه ٿيندو. ھوڏانھن ڪراچي ۾ جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، جيڪب آباد ۾ نائب امير حافظ نصرالله چنا،ڪنڌڪوٽ ۾ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امداد الله بجاراڻي ، غلام مصطفي ميراڻي، ٽنڊوالهيار ۾ رائو جاويد، ٺٽي ۾ عبدالمجيد سمون، عبدالله آدم گندرو يڪجهتيءَ فلسطين ميڙاڪن کي خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.