سنڌ جي تاريخي ماڳن جو ذڪر ڪبو ته سنڌ جو ضلعو شهيد بينظير آباد اڳوڻو نوابشاهه به ڪنهن کان پوئتي ناهي فرق صرف ايترو آهي جو هن ضلعي جا مالڪ هجڻ باوجود تاريخي ماڳن جي صحيح نموني مالڪي ٿي ناهي سگهي۔سڪرنڊ ۽ پسگردائي جو جائزو وٺبو ته شهر کان ٻاهران نوبشاهه روڊ تي اولهه پاسي هڪ تاريخي ماڳ دليل ديرو ڳوٺ ۾ هڪ ڪوٽ نما قلعو نظر ايندو جيڪو مڪمل طور مٽي جو گولائي ۽ وڙ وڪڙن جي صورت ۾ آهي۔هن وقت هن قلعي جي اندر ميربحرن مگسين سيدن ۽ ٻين قبيلن جا گهر آهن جنهنڪري قلعي اندر ڪير به گهڙي ڪري انجو جائزو وٺي نٿو سگهي البته مک دروازي کان يا ٻاهر جو منظر ڏسيو واپس وري ٿو۔هڪ ڀيري مونسان گڏ عالمي بئنڪ جو برطانيا واسي ڪنسلٽنٽ هن ماڳ جو دورو ڪيو هو ۽ هن ماڳ کي هڪ عجوبو سڏيندي چيو هو ته ڪچي مٽي جي ٺهيل ڪوٽ کي ٺاهيندڙن وڏي مهارت سان ٺاهيو آهي پر وڏي مهارت سان هن قلعي کي تباهه ڪيو پيو وڃي جنهن سان سنڌ جي تاريخ ۽ ماڳ متاثر ٿي سگهي ٿو۔جيڪڏهن هن قسم جو ماڳ برطانيا يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هجي ها ان ملڪ جي قسمت ئي بدلجي وڃي۔ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته دليل ديرو قلعو هن وقت زبون حالت ۾ آهي پنهنجي افاديت ته وڃائي ويٺو آهي پر سنڌ جي ماڻهن ۽ نوجوانن کان اوجهل آهي۔سرڪاري سطح تي هن قلعي جي ڪا به پذيرائي ته ٿي ناهي سگهي پر قلعي جي اندرين ۽ ٻاهرين حصن تي قبضا ۽ ڀڃ ڊاهه ضرور ڏسڻ ۾ ملندي جنهنجو ذميوار سنڌ جو آرڪيالاجي کاتو آهي جو اهو مالڪي نٿو ڪري.
تاريخي ماهرن ۽ محققن موجب جن هن قلعي بابت پنهنجي سطح تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي تن موجب 450 اي ڊي کان 650 اي ڊي تائين راءِ گهراڻي جي حڪومت رهي آهي جن هيلمند کان ڪشمير تائين حڪومت ڪئي ۽ انهن جي دور ۾ هي قلعو ٺهيو۔ ڪجهه ماڻهو هن کي سريا خاندان سان ڳنڍين ٿا جيڪي سج جي پوڄا ڪندا هئا تنهنڪري ئي هنن قلعي کي گول شڪل ڏني هئي۔هي قلعو واپار جي لحاظ کان الور ۽ برهمڻ آباد وچ ۾ مضبوط حفاظتي جاء سمجهي ويندي هئي۔چچ نامي موجب برهمڻ آباد تي حملي بعد محمد بن قاسم دهليل ديرو ۽ بهرور قلعن جو رخ ڪيو هو جنهن کانپوءِ دهليل ديرو جي واپارين شهرين انڊيا جو رخ ڪيو هو جڏهن ته باقي سپاهي جنگ لاءِ تيار رهيا۔
ظفر ندوي وڌيڪ لکي ٿو ته دهليل ديرو فوجي لحاظ کان انوقت اهميت رکندڙ هو جو هتان انڊيا ۽ ٻين پرڏيهي ملڪن سان واپار ٿيندو هو۔سنڌ جي ڏاهي ۽ محقق ڊاڪٽر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به هن ڏس ۾ ذڪر ڪيو آهي جنهن جو چوڻ آهي ته دهليل هن دور جي ڪوٽ لفظ برابر آهي ۽ جاگرافيائي بيهڪ به ڪوٽ واري اٿس.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي تاريخي ماڳن ۽ قومي ورثن کا غافل نه رهون انهن جي مالڪي ڪريون۔ چانهون دڙي دليل ڪوٽ سميت سنڌ جي سمورن تاريخي ماڳن ۽ ورثن جي حفاظت لاءِ جوڳا اپاء ورتا وڃن اتي عجائب گهر سياحن جي خوراڪ لاءِ ريسٽورينٽس قائم ڪرڻ پهچ لاءِ روڊ رستن جو ڄار وڇايو وڃي۔۔