وزيراعظم جو چين جو دورو ۽ ڪيترن ئي معاشي معاهدن تي صحيحون

تحرير: سڪندر چنو

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چين جو دورو وڏي اهميت اختيار ڪري ويو آهي، دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ تقريبًا 16 معاشي معاهدن تي صحيحون ٿينديون. حڪومتي ذريعا ٻڌائن ٿا ته 6.67  ارب ڊالرن جي لاڳت جا ريلوي جي نظام کي بهتر ڪرڻ جا به منصوبا شامل آهن. پاڪستان جي ريلوي نظام کي به ٻين ادارن جيان تباهه و برباد ڪيو ويو آهي. پهريان پاڪستان ۾ ريل جي رفتار 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هئي ان کي گهٽ ڪندي 120 ڪلوميٽر ڪلاڪ تائين ڪيو ويو آهي. پاڪستان لاءِ خوش قسمتي واري ڳالهه اها آهي ته چين پاڪستان ۾ ريلوي نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ حامي ڀري چڪو آهي.

پاڪستان جي معيشت لاءِ وڏي خوشخبري اهيا آهي ته جڏهن وزيراعظم ڪاڪڙ چين جي دوري تي هوندو ته دوري دوران چين سان پاڪستان جي آواره گڏهن جي کلن جي ايڪسپورٽ پروٽوڪل جي معاهدن تي به صحيحون ٿينديون. ڏٺو وڃي ته پاڪ چين دوستي جي شروعات 21 مئي 1951 ۾ ٿي. جڏهن ته دنيا جو پاڪستان واحد اسلامي ملڪ هيو جنهن پهريان چين کي تسليم ڪري ورتو هو. ان احسان منديءَ ۾ چين پاڪستان کي معاشي طور ڪلهو ڏيون پيو اچي. 1962 ۾ چين ڀارت جنگ دوران ڀارت کي وڏي شڪست ڏسڻي پئي جنهن کان پوءِ ايشيا جي خطي ۾ چين جي اڃان به اهميت سج جيان اڀري دنيا جي سامهون آئي. ۽ 1962 ۾ تي پاڪ چين سرحدي معاملو به حل ڪيو ويو. سرحدي معاملي تي پاڪ چين پاران 1963 ۾ صحيحون ڪيون ويون. ۽ 1942 ۾ پاڪستان کي سر سبز علائقو مليو. جنهن تي ڀارت کي اعتراض هيو. 1965 ۾ چين ڀارت کي خبردار ڪندي ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن ڀارت ٽن ڏينهن اندر چيني سرحد سڪم وٽان پنهنجون فوجون نه هٽايون ته چين سخت ڪارروائي ڪندو ۽ ان نتيجي جو ذميوار خود ڀارت هوندو. ۽ اهوئي سبب آهي جو روس ۽ آمريڪا ڀارت، پاڪستان تي دٻاءُ وڌايو ته ٻئي ملڪ جنگ بند ڪري ڇڏين.

ڏٺو وڃي ته چين هميشه مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿي رهيو آهي. 1966 ۾ آمريڪا جڏهن پاڪستان کي جنگي هٿيار ڏيڻ بند ڪيا ته چين اڳتي وڌندي پاڪستان جون جنگي سازو سامان جون ضرورتون پوريون ڪيون. ان ئي سال چين ۽ پاڪستان 120 ملين ڊالرن جي فوجي امداد ڏيڻ واري معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. ۽ ان سان ڀارت کي چٽو پيغام چين پاران ڏنو ويو ته چين پاڪستان جو سچو دوست آهي. چين هميشه پاڪستان جي معاشي حالتن کي به هٿي ڏني آهي ۽ وڏي مدد پڻ ڪئي آهي. پر بدقسمتيءَ سان پاڪستان کي مخلص حڪمران نه مليا آهن. جنهن جي ڪري پاڪستان معاشي طور ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. چين جي خواهش آهي ته پاڪستان معاشي طور دنيا جي خطي ۾ اڀري اچي. پر پاڪستان جي حڪمرانن جون عياشيون ۽ ادارن مان ڪرپشن کٽي ڪونه ٿي. جنهن جي ڪري دنيا آڏو پاڪستان جو هر ماڻهو ڀڪاري بڻيل آهي. ان ۾ اشرافيا، اسٽيڪ هولڊر، عوام ۽ سياستدان شامل آهن. اسان وٽان شرم به هليو ويو آهي. هن وقت دنيا جون حالتون تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن. موجوده مشرق وسطيٰ جي حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن تازو آمريڪا اسرائيل ۽ حماس جي حملن کي بند ڪرائڻ لاءِ چين کان مدد طلب ڪئي آهي. جيتوڻيڪ اسرائيل فلسطين جنگ کان اڳ سعودي عرب اسرائيل سان پنهنجا سفارتي ناتا بحال ڪندي پاڪستان تي پڻ دٻاءُ وڌايو هيو ته جيڪڏهن پاڪستان اسرائيل کي تسليم ڪندو ته پاڪستان کي 75 ارب ڊالرن جو معاشي پيڪيج ڏنو ويندو. انهن سڀني ڳالهين تي موجوده حالتن پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم محمد بن سلمان اسرائيل سان ناتن جي بحالي واري پروگرام کي ختم ڪندي فلسطين جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي. هن وقت وچ اوڀر ۾ آمريڪا کي پنهنجي ناڪامي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. ۽ دنيا ۾ آمريڪا اڪيلو ٿيندو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته اسرائيل جي وحشت واري قدمن کان پوءِ مسلمان ملڪن ۾ وڏو تاءُ پکڙيل آهي.

موجوده حالتن ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چين جو دورو وڏي اهميت اختيار ڪري ويو آهي ۽ اسرائيل حماس لڙائي وچ ۾ پاڪستان جو به اهم ڪردار تصور ڪيو وڃي ٿو. توڻي جو پاڪستان جون معاشي حالتون آهستي آهستي ٽريڪ تي اچي رهيون آهن پر پوءِ به پاڪستان کي معاشي مشڪلاتن مان نڪرڻ لاءِ 30 ارب ڊالرن جي سخت ضرورت هجي ٿي. هن وقت آرمي چيف جنرل عاصم منير ملڪ مان مافياز جي خاتمي لاءِ ۽ ڊالر ۽ ٻين شين جي ذخيره اندوزي خلاف جيڪو ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي ان کي عام ماڻهو ساراهي رهيو آهي. ڪريڪ ڊائون کان پوءِ کنڊ، اٽو، گيهه، ڊالر ۽ ٻين شين ۾ لاٿ اچي رهي آهي. جنهن سان عام ماڻهو کي زندگي گذارڻ ۾ آساني پيدا ٿي آهي.

تازو مافياز جي خلاف ڪريڪ ڊائون، بجلي چوري ۽ گئس چوري کي روڪڻ لاءِ وڏو آپريشن هلي رهيو آهي. ۽ ان ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪندڙ خلاف به ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي. تازو اسٽيبلشمينٽ نيب ۾ فوج جي حاضر سروس آفيسرن جن ۾ برگيڊيئر ۽ ڪرنل ليول جا شامل آهن کي لڳايو ويو آهي. ان کان علاوه بجلي چوري روڪڻ لاءِ سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني، ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ۽ حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۾  ايف آءِ اي جي آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي. بهرحال وزيراعظم جي چين واري دوري کان پوءِ پاڪستان جون معاشي حالتون ڪافي حد تائين بهتر ٿي وينديون ۽ وزيراعظم پاڪستان ۾ گڏهن جي لوڌ کي ختم ڪرڻ لاءِ چين سان گڏهن جي کلن جو معاهدو پڻ ڪيو ويندو جنهن سان پاڪستان کي وڏو ناڻو ملي سگهي ٿو. تازو نگران وزيراعظم پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي مهانگائي مان ڪڍڻ جو وڏو تحفو ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.