فلسطين جو قبوليت جوڳو حل ڳوليو وڃي

وچ اوڀر ۾ شروع ٿيل رتوڇاڻ جو سلسلو جاري آھي.اھو درست آھي تھ 7 آڪٽوبر تي حماس پاران اسرائيل جي سرحد پار ڪري تھوار جي جشن ملھائيندڙن تي حملو ڪيو ويو ھو.جتان ان ويڙھ ڀڙڪو کاڌو آھي.پر دنيا کي اھو نھ وسارڻ گھرجي تھ اسرائيل جي رياست پنھنجي آبادين کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندي نھ رڳو والار جو سلسلو نھ روڪيو آھي پر فلسطينين جي رواجي زندگيءَ کي ناس ڪري ڇڏيو آھي.

لڳ ڀڳ اڌ صديءَ بعد ھڪ ڀيرو ٻيھر دنيا جي ايجنڊا تي اڀري آيل ھن مسئلي کي عالمي طاقتور ملڪن ھٿ سان وچڙايو آھي.جنھن ۾ آمريڪا ۽ ان جي ساٿاري ملڪن جو وڏو ھٿ آھي.حماس جي ويڙھاڪن جي ڪيل ان حرڪت کي جيڪڏھن اسرائيل چاھي ھا تھ وقت سر روڪي پئي سگھيو پر ھن وقت جي صورتحال مان اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ اسرائيل ان ۾ دير ان ڪري ڪئي جو ان بعد ھو ڪنھن ٻي حڪمت عملي تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو اردارو رکي ٿو.

ھن وقت اسرائيل فلسطين جي ان سوڙھي پٽي غزا جي مڪمل ناڪابندي ڪري رکي آھي،جنھن ۾ وسندڙ لڳ ڀڳ 23 لک انسانن جو داڻو پاڻي بند ڪرڻ بعد ان سموري آبادي کي اھا ڌمڪي ڏني  وئي آھي تھ اھا غزا جو علائقو خالي ڪري وڃي.جنھن جو اصل مقصد ھي آھي تھ اتي حماس خلاف آپريشن ۾ سولائي ٿي سگھي.زميني حقيقت ھي آھي تھ غزا جي پٽي مان ٻاھر نڪرڻ جي امڪاني رستن کي بند ڪيو ويو آھي.جنھن ڪري اھڙي ڌمڪي جو اصل مقصد انھن ماڻھن کي وڌيڪ پريشان ڪرڻ ۽ ھيسائڻ ئي آھي.

جيتونيڪ گڏيل قومن اسرائيل جي اھڙي داداگيري جي نندا ڪندي فلسطينين جي اتان نيڪالي واري ڳالھھ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رھيون آھن.پر تاحال صورتحال ان ڪري چٽي نھ آھي جو دنيا ۾ انساني حقن جا چيئمپين بڻيل ملڪ ھتي ھڪ ڌر آھن،جيڪي ان قسم جي ڪنھن بھ موقعي تي انساني حق ۽ عالمي قانونن کي لاڳو ڪرڻ جي ڳالھھ کي وساري ويھي ٿا رھن.عين ممڪن آھي تھ ھتي پن ساڳي ڳالھھ وري ورجائي وڃي.اسرائيل غزا تي زميني حملا  شروع ڪري ڏنا آھن. فوجي جٿا، ٽينڪن جي مدد سان غزا جي علائقي ۾ داخل ٿي ويا آھن.اسرائيلي ميڊيا موجب فوج کي غزا مان حماس پاران يرغمال بڻايل اسرائيلي شهرين جا لاش مليا آهن.

غزا مان لڏپلاڻ ڪندڙ فلسطينين جي ٽن قافلن تي اسرائيلي جهازن جي بمباري ۾ وڌيڪ 70 فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا آھن.اولهندي پٽيءَ ۾ غزا واسين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪيل مظاهري تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 16 ڄڻا شھيد ٿي ويا آھن. لبناني سرحد تي به اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۽ گولا باري ۾ هڪ صحافي مارجي ويو ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن. اسرائيلي فورسز جي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو آھي.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس غزه مان فلسطينين کي ڪڍڻ لاءِ اسرائيل جي الٽيميٽم کي خطرناڪ قرار ڏنو آهي.اسرائيل پاران گذريل ڏينھن 24 ڪلاڪن جي ڏنل الٽيميٽم کي فلسطينين  رد ڪندي پنهنجي سرزمين ڇڏڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي.انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته انخلا جو حڪم گهٽ ۾ گهٽ 11 لک فلسطينين تي لاڳو ٿيندو. متاثر علائقا اڳ ئي اسرائيلي گھيري ۽ بمباري هيٺ آهن، متاثر فلسطيني علائقا تيل، بجلي، پاڻي ۽ خوراڪ کان محروم آهن.

اسرائيلي فوج پاران غزا ۾ وڌيڪ ڪاررواين جي خبرداري کانپوءِ هزارين فلسطيني ڏکڻ غزا طرف وڌي رهيا آهن، جڏهن ته اسرائيلي هوائي ڪارروايون به جاري آهن، پر ماڻهن جي نيڪالي لاءِ ٻه رستا کولڻ جو اعلان ڪيو آهي.فلسطين جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته غزا ۾ گذريل هفتي اسرائيل طرفان شروع ڪيل آپريشنز ۾ هينئر تائين 724 ٻارن سميت 2 هزار 215 ماڻهو مارجي ويا آهن.بيان موجب فوتين ۾ 458 عورتون به شامل آهن. 8 هزار 714 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.

ڏکڻ غزاجي علائقي ۾ بجلي، کاڌي پيتي ۽ خوراڪ جو بحران آهي، جتي هزارين شهري خوف سبب اتر طرف منتقل ٿي رهيا آهن.علائقي ۾ٻارن لاءِ بنيادي کاڌي پيتي جون شيون، بيضا، چانور ۽ کير ختم ٿي ويو آھي.اھو عجب ناھي جو ھڪ ننڍڙي تنظيم حماس خلاف دنيا جي ھڪ سگھاري فوجي رياست اسرائيل کي بھ سڄي دنيا جا سگھارا ملڪ ھٿيارن ۽ پنھوارن سان مدد ڏئي رھيا آھن،نھ رڳو ايترو پر اھڙي عمل سان اولھھ جي ملڪن جي اثر ۾ آيل دنيا جي ميڊيا اھا حماس خلاف مسلسل پروپئگينڊا ڪري رھي آھي تھ حماس جو حملو اسرائيل سان وڏي بيواجبي آھي.جنھن ڪري اسرائيل جي ھمٿ ۽ ان جو مغز وڌيڪ خراب ٿي رھيو آھي.جنھن ڪري ھن وقت مختصر ماڻھن تي ٻڌل ھن ڳتيل آباديءَ کي سوڙھو ڪيو ويو آھي.انھن جي مڪمل ناڪابندي ڪئي وئي آھي.

تاريخ جي حوالي سان جيڪڏھن ٿوري بيرحمي سان جائزو ورتو وڃي تھ حقيقت ھي آھي تھ ھن وقت اسرائيل جي حمايت ۾ زمين آسمان ھڪ ڪري ڇڏيندڙن ملڪن جا ھٿ اسرائيل يا يھودي نسل جي انسانن جي خون سان رڱيل آھن.ھن وقت اھي سمورا ملڪ دراصل ھن خطي ۾ پنھنجي سياسي ۽ جنگي اثر کي وڌائڻ سان گڏ پنھنجن مفادن جي تحفظ جي لاءِ اھڙي ھاءِ گھوڙا ڪري رھيا آھن،جنھن جي لاءِ اھي ضرور اسرائيل جو ئي ڪلھو استعمال ڪري رھيا آھن.اھي ڳالھيون ڪي مفروضا نھ آھن،پر ان جي مڪمل جائزي وٺڻ سان اھو سڀ ڪجھه نظر اچي رھيو آھي.

ھن سموري معاملي جو مناسب حل خطي ۾ ٻن رياستن جو قيام آھي،جنھن ۾ فلسطين جي ماڻھن جي آزادي ۽ خودمختياري کي تسليم ڪندي انھن کي بھ جئيڻ جو حق ملي سگھي جيئن ھن خطي ۾ نفرت جي باھ ۾ ڪنھن حد تائين ڪا ڪمي اچي سگھي ٻي صورت ۾ فلسطين جي ماڻھن کي چٿڻ جي ڪنھن بھ سازش ۽ رٿابندي جو نھ رڳو خطي کي بلڪھ دنيا جي سمورن ملڪن کي پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙو نقصان ٿيندو.

دنيا جي سمورين ڌرين ۽ خطي جي اسٽيڪ ھولڊرز کي گڏ ڪري ان جي قبوليت جوڳي حل طرف اڳتي وڌڻ جي ضرورت آھي،جنھن سان وڌندڙ نفرت کي ختم ڪري سگھجي ۽ جيئو ۽ جيئڻ ڏيڻ جي اصول تي عمل ڪيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.