وڏي وزير پاران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان رپورٽ طلب

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان رپورٽ گھرندي چيو آھي ته 17 آگسٽ کان  پھرين ھر مھيني ڪيترين عمارتن جا نقشا پاس ڪندا ھئا ۽ ھاڻي ڪيترا پاس ٿي رھيا آھن. ھن وڌيڪ چيو ته اھو به ٻڌايو وڃي ته 17 آگسٽ کان پھرين ھر مھيني ڪيتريون غيرقانوني عمارتون سيل ڪيون ويون ۽ پوءِ ڪيتريون سيل ٿيون آھن؟.چيف منسٽر هائوس مان جاري پريس رليز موجب جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته شڪايتون ملي رھيون آھن ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي نقشن جي پاس ڪرڻ وارو ڪم روڪي ڇڏيو آھي. بورڊ آف روينيو کان پڻ رپورٽ گھرندي نگران وڏي وزير چيو ته سب رجسٽرار جي آفيسن ۾ 17 آگسٽ کان اڳ ھر مھيني مختلف ڪيٽيگريز ۾ ڪيتريون رجسٽريز ڪيون ويون ۽ ھاڻ ڪيتريون ٿي رھيون آھن. ھن وڌيڪ چيو ته شڪايتون ملي رھيون آھن ته سب رجسٽرار آفيسن ۾ به رجسٽريز وارو ڪم رولڙي جو شڪار آھي. پوليس موبائلز ۽ سرڪاري گاڏين جي غيرقانوني استعمال جي روڪٿام بابت اپاءَ وٺندي نگران وڏي وزير چيو ته پوليس ۽ ٻين سرڪاري ادارن کي سندن گاڏين جي لاگ بڪ مينٽين ڪرڻ گھرجي. لاگ بڪ ۾ درج ھئڻ گھرجي ته گاڏي ڪٿي وئي ۽ ڪھڙي ڪم سانگي وئي، گاڏي جنھن سرڪاري ڪم سان وئي ھئي ان جو ڪيترو فاصلو ھو ۽ ڪيترو پيٽرول خرچ ٿيو ۽ ڪيتري مائليج کانپوءِ گاڏيءَ جو موبل آئل ۽ آئل فلٽر تبديل ٿيا ۽ ڪڏھن ٻيھر تبديل ٿيندا. لاگ بڪ کي سينئر آفيسر ويريفاءِ ڪري جنھن کي وقت بوقت انسپيڪشن ٽيم چيڪ ڪندي. نگران وڏي وزير چيو ته اھي سموريون رپورٽس 17 آگسٽ کان پھرين جي ٽن مھينن ۽ ان کان پوءِ جي ھر مھيني جي حساب سان ھڪ ھفتي اندر سي ايم سيڪريٽريٽ موڪليون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.